Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:8 - Muslim Sindhi Bible

8 عيسيٰ وراڻيو تہ ”موسيٰ اوهان جي سخت‌دليءَ ڪري اوهان کي اجازت ڏني تہ اوهين پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، جڏهن تہ شروعات ۾ ائين نہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 هن چين تہ موسيٰ اوهان جي سخت دليءَ ڪري اوهان کي موڪل ڏني تہ پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏجي، پر شروعات کان ائين ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 يسوع وراڻيو تہ ”موسيٰ اوهان جي سخت‌دليءَ ڪري اوهان کي آگيا ڏني تہ اوهين پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، جڏهن تہ شروعات ۾ ائين نہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 عيسيٰ وراڻيو تہ ”موسيٰ اوھان جي سخت⁠دليءَ ڪري اوھان کي اجازت ڏني تہ اوھين زال کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، پر شروعات ۾ ائين نہ ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ئي سبب آهي جو مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اهي ٻئي گڏجي هڪ ٿي ويندا.


نوح ۽ سندس زال، سندس پٽ ۽ انهن جون زالون ٻوڏ کان بچڻ لاءِ اچي ٻيڙي ۾ چڙهيا.


”اوهين ضد نہ ڪريو، جيئن اوهان جي وڏن مريباہ ۾ ڪيو هو، ۽ جيئن مساہ نالي جاءِ تي هنن بيابان ۾ ڪيو هو.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘


هنن پنهنجيون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪري ڇڏيون ۽ شريعت ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنائون ۽ نہ وري انهيءَ فرمان کي مڃيائون، جيڪو مون قادر‌مطلق خداوند اڳين نبين جي معرفت پنهنجي روح وسيلي نازل ڪيو هو. انهيءَ ڪري مون وٽان مٿن سخت قهر اچي نازل ٿيو.


تڏهن انهن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ شريعت ۾ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنهنجي زال کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“


تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في‌الحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.


سو ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏهن اوهين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“


عيسيٰ چين تہ ”موسيٰ اوهان کي هي حڪم انهيءَ لاءِ ڏنو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جي سخت‌دليءَ جي خبر هئي.


آخر ۾ عيسيٰ يارهن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏهن هو گڏجي ماني کائي رهيا هئا. هن سندن ايمان جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيئرو ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.


انهيءَ ڳالهہ جي آءٌ اجازت ڏيان ٿو پر حڪم نہ ٿو ڏيان.


دائود يزرعيل شهر واري اخي‌نوعم سان بہ شادي ڪئي هئي. سو اهي ٻئي سندس زالون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ