Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن انهن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ شريعت ۾ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنهنجي زال کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هنن چيس تہ پوءِ موسيٰ ڇو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، تہ جي زال کي ڪڍجي تہ طلاق نامو لکي ڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تڏهن انهن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ نيم ۾ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنهنجي پتنيءَ کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 تڏھن انھن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنھنجي زال کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


مون اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم کي سندس زناڪاريءَ جي ڪري طلاق نامو ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. اهو ڏسندي بہ سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم ڪانہ ڊني، اٽلندو اها بہ وڃي زناڪاري ڪرڻ لڳي.


خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”آءٌ طلاق کان نفرت ٿو ڪريان، جنهن جي ذريعي اوهين پنهنجي زال سان ظلم ٿا ڪريو. سو اوهان لاءِ اهو ضروري آهي تہ اوهين پنهنجي زال سان ڪيل وفاداريءَ واري واعدي تي قائم رهو.“


هن جو مڱيندو هڪ نيڪ ماڻهو هو، تنهنڪري هن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“


هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي خدا ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”موسيٰ اوهان جي سخت‌دليءَ ڪري اوهان کي اجازت ڏني تہ اوهين پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، جڏهن تہ شروعات ۾ ائين نہ هو.


”اهو بہ چيو ويو هو تہ ’جيڪو بہ پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انهيءَ کي طلاق نامو بہ لکي ڏئي.‘


انهن چيس تہ ”موسيٰ اجازت ڏني آهي تہ طلاق نامو لکي ڏيئي کيس ڪڍي سگھجي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ