Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي خدا ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 سو اڳتي هو ٻہ نہ، پر هڪ جسم آهن. تنهنڪري جيڪي خدا ملائي ڇڏيو آهي، تنهن کي انسان جدا نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي ايشور ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پوءِ اھي ٻہ نہ پر ھڪ آھن. سو جن کي خدا ملايو آھي تن کي ماڻھو جدا نہ ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوءَ شاديءَ واري وقت خدا آڏو ڪيل عهد اقرار کي وساري ٿي ڇڏي ۽ پنهنجي مڙس سان بي‌وفائي ٿي ڪري.


اوهين پڇو ٿا تہ هو راضي ڇو نہ ٿو ٿئي؟ اهو انهيءَ ڪري جو خداوند ڏسي ٿو تہ اوهان پنهنجي زال سان بي‌وفائي ڪئي آهي، جنهن سان اوهان نوجوانيءَ ۾ شادي ڪئي هئي. هوءَ اوهان جي ساٿي آهي جنهن سان خدا آڏو ڪيل وفاداريءَ واري واعدي کي اوهان ٽوڙي ڇڏيو آهي.


خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”آءٌ طلاق کان نفرت ٿو ڪريان، جنهن جي ذريعي اوهين پنهنجي زال سان ظلم ٿا ڪريو. سو اوهان لاءِ اهو ضروري آهي تہ اوهين پنهنجي زال سان ڪيل وفاداريءَ واري واعدي تي قائم رهو.“


۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.‘


تڏهن انهن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ شريعت ۾ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنهنجي زال کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“


سو جن کي خدا ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“


مثال طور شريعت موجب زال پنهنجي مڙس سان سندس حياتيءَ تائين ٻڌل رهي ٿي. پر جڏهن اهو مڙس مري وڃي ٿو تہ هوءَ سندس شاديءَ واري ٻنڌڻ کان آزاد ٿئي ٿي.


سو مڙسن کي بہ پنهنجين زالن سان اهڙيءَ طرح پيار ڪرڻ کپي، جهڙيءَ طرح هو پنهنجن جسمن سان ڪن ٿا. جيڪو پنهنجيءَ زال سان پيار ڪري ٿو سو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، خدا حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ