Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ چيائين تہ انهي سبب ڪري مڙس پنهنجي ماءُ پيءُ کان جدا ٿي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو، ۽ هو ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ شرير ٿي ويندا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ۽ چيائين تہ ’انھيءَ ڪري مرد پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کي ڇڏي پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو ۽ ھو ٻئي گڏجي ھڪ ٿي ويندا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:5
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي. هو کيس پيار ڪرڻ لڳو ۽ ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين.


اي يونتن، منهنجا پيارا ڀاءُ! مون کي تنهنجو ڏاڍو ڏک آهي. تون مون کي ڏاڍو وڻندو هُئين، جڏهن تہ تنهنجي بہ مون سان عجيب الفت هئي، هائو، عورت جي محبت کان بہ وڌ تنهنجي مون سان محبت هئي.


اهي انهن قومن جون عورتون هيون جن جي باري ۾ خداوند بني اسرائيل کي چيو هو تہ ”اوهين انهن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪجو، نہ تہ هو ضرور اوهان جون دليون پنهنجن معبودن ڏانهن ڦيرائينديون.“ تنهن هوندي بہ سليمان انهن جي عشق ۾ ڦاسي پيو.


اي بادشاهہ جي ڪنوار! اي منهنجي ڌيءَ! ڪن ڏيئي ٻڌ، هائو، تون غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌ. تون پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جي گھر کي وساري ڇڏ.


مون دل وَ جان سان تنهنجو دامن پڪڙيو آهي، ۽ تنهنجو زورآور هٿ مون کي سنڀالي ٿو.


ڇا خدا اوهان ٻنهي کي انهيءَ واعدي موجب گڏجي هڪ بدن ۽ هڪ روح ٿيڻ لاءِ نہ چيو آهي؟ خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن اوهان مان اهڙا ٻار پيدا ٿين جيڪي خدا جا هجن. سو اوهان کي انهيءَ واعدي جي سنڀال ڪرڻي آهي.


هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي خدا ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“


پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


ڇا اوهين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ميلاپ ڪري ٿو، سو انهيءَ سان گڏجي هڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”اهي ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.“


پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ مڙس پنهنجيءَ زال سان رهي ۽ هر هڪ زال پنهنجي مڙس سان رهي.


زال پنهنجي جسم جي مالڪياڻي نہ آهي، بلڪ سندس مڙس آهي. ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنهنجي جسم جو مالڪ نہ آهي، بلڪ سندس زال آهي.


زال مڙس بابت پاڪ ڪلام ۾ انهيءَ ڪري ئي لکيو ويو آهي تہ ”مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو ۽ ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا.“


اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، رڳو سندس ئي عبادت ڪريو، ساڻس ئي چُهٽيل رهو ۽ سندس ئي نالي جو قسم کڻو.


سو هي سڀ حڪم، جي آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا، يعني خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، سندس سڀني واٽن تي هلندا ۽ ساڻس چُهٽيل رهندا،


پر اوهين جيڪي خداوند پنهنجي خدا سان چُهٽيل رهيا، تن مان هر ڪو اڄ ڏينهن تائين جيئرو آهي.


دائود جڏهن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي، تنهن ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي پاڻ وٽ رکيو ۽ کيس سندس پيءُ جي گھر ڏانهن موٽي وڃڻ نہ ڏنائين. هوڏانهن سائول جي پٽ يونتن جي دائود سان ايتري تہ دل اٽڪي ويئي جو هو دائود سان پنهنجيءَ جان جيان محبت ڪرڻ لڳو


دائود يزرعيل شهر واري اخي‌نوعم سان بہ شادي ڪئي هئي. سو اهي ٻئي سندس زالون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ