Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوهان پاڪ ڪلام نہ پڙهيو آهي ڇا؟ انهيءَ ۾ لکيل آهي تہ خالق انسان کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهان نہ پڙهيو آهي ڇا، تہ جنهن هنن کي جوڙيو، تنهن شروع ۾ ئي مڙس ۽ زال ڪري جوڙين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”اوهان پوِتر شاستر نہ پڙهيو آهي ڇا؟ انهيءَ ۾ لکيل آهي تہ ايشور انسان کي شروعات کان وٺي نر ۽ ناري ڪري پيدا ڪيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ خالق انھن کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا انسان کي پاڻ وانگر ٺاهي پنهنجيءَ صورت تي پيدا ڪيو. خدا نر ۽ ناري پيدا ڪري


پوءِ خداوند خدا چيو تہ ”آدم جو اڪيلو رهڻ چڱو نہ آهي. تنهنڪري آءٌ هن لاءِ هڪ سٺو ساٿي بڻائيندس.“


تڏهن آدم چيو تہ ”ڏسو، هي ئي آهي، جيڪو منهنجي هڏن مان هڏو ۽ منهنجي ماس مان ماس آهي. تنهنڪري هيءَ ’ناري‘ سڏبي، ڇاڪاڻ تہ ’نر‘ مان ڪڍي ويئي آهي.“


يهويدع کيس ٻہ زالون پرڻايون، جن مان کيس پٽ ۽ ڌيئر ڄايون.


ڇا خدا اوهان ٻنهي کي انهيءَ واعدي موجب گڏجي هڪ بدن ۽ هڪ روح ٿيڻ لاءِ نہ چيو آهي؟ خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن اوهان مان اهڙا ٻار پيدا ٿين جيڪي خدا جا هجن. سو اوهان کي انهيءَ واعدي جي سنڀال ڪرڻي آهي.


تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو ڪين پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تہ دائود ڇا ڪيو هو؟


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو خداوند جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“


تڏهن اهي شاگرد روانا ٿي ويا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن عيسيٰ کين چيو هو.


مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪي خدا اوهان کي فرمايو آهي، سو اوهان ڪين پڙهيو آهي ڇا؟


ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.


مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي ڪتاب ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘


عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو هو، تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذراني وارا روٽ کڻي پاڻ بہ کاڌائين ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ ڏنائين، جيتوڻيڪ اُهي روٽ ڪاهنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ کائڻ جائز نہ هئا.“


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”شريعت ۾ ڇا لکيل آهي؟ تون اهو پڙهي ڇا ٿو سمجھين؟“


عيسيٰ کين جواب ۾ چيو تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ