Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:26 - Muslim Sindhi Bible

26 عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ماڻهن کان اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيو تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان تہ ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا سڀ ڪجھہ ڪري سگھي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون خداوند جي لاءِ ڪا ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ جيئن مون چيو تيئن آءٌ وري مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“


الياس جي معرفت خداوند جي چوڻ موجب نہ انهيءَ چاڏي مان اٽو کپي ويو ۽ نہ وري انهيءَ دنگي مان تيل.


”اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، تنهنجو ڪوبہ ارادو روڪجي نہ ٿو سگھي.


بيشڪ تنهنجي ئي طرفان رهائي ٿي ملي. شال تنهنجي قوم تي سدائين تنهنجي برڪت هجي.


خدا هڪڙي ڳالهہ فرمائي آهي تہ ”قدرت مون خدا جي آهي.“ پر ان کان علاوہ مون کانئس اهو بہ ٻڌو آهي تہ ”دائمي شفقت پڻ مون ڌڻيءَ کان ئي آهي.“ بيشڪ اي خدا! تون هر ڪنهن کي سندس عمل موجب ئي بدلو ڏين ٿو.


”آہ! اي خداوند منهنجا خدا! تو پنهنجي وڏي قدرت ۽ زورآور هٿ سان زمين ۽ آسمان ٻيئي بڻايا آهن! تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي.


”آءٌ خداوند سڄي انسانذات جو خدا آهيان. ڇا منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي؟


ٿي سگھي ٿو تہ اها ڳالهہ قوم جي باقي بچيلن کي انهن ڏينهن ۾ عجيب لڳي، پر ڇا اها مون خداوند لاءِ عجيب هوندي؟


تنهن تي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڇا مون خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي؟ هاڻ تون ڏسندين تہ جيڪي مون تو کي چيو آهي سو پورو ٿئي ٿو يا نہ.“


جڏهن شاگردن اهو ٻڌو تہ ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“


تنهن تي پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسين تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوهان جي پٺيان لڳا آهيون. سو اسان کي ڇا ملندو؟“


عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.“


بيشڪ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڪانهي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاهر هجي.“


عيسيٰ وراڻين تہ ”جيڪي ڳالهيون انسان جي وس کان ٻاهر آهن، سي خدا جي وس ۾ آهن.“


پر ان جي باوجود بہ اهي عيسيٰ مسيح کان منهن موڙي ويا آهن، تن ماڻهن کي ٻيهر توبهہ ڏانهن مائل ڪرڻ ناممڪن آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي پنهنجي اهڙي رويي سان ڄڻ تہ خدا جي فرزند کي ٻيهر صليب تي چاڙهي ظاهر ظهور هن جي بي‌حرمتي ٿا ڪن.


يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻ‌طهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ