Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:17 - Muslim Sindhi Bible

17 عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آهي. جيڪڏهن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ هن چيس تہ تون مون کان نيڪيءَ بابت ڇو ٿو پڇين؟ هڪڙو آهي جو نيڪ آهي: پر جي تون ڀانئين تہ زندگيءَ ۾ داخل ٿيان تہ حڪمن تي عمل ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 يسوع وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو ايشور ئي آهي. جيڪڏهن تون امر جيون حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 عيسيٰ وراڻيو تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آھي. جيڪڏھن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ تو کين خبردار بہ ڪيو تہ ’منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو،‘ تڏهن بہ هنن هٺ کان ڪم ورتو ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون. بلڪ تنهنجي انهن قاعدن قانونن جي ابتڙ ڪم ڪيائون، جن تي جيڪڏهن انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي سگھي ٿو. هنن هوڏ ڪندي تو کي پٺي ڏني، ۽ وڏائيءَ ۾ ڀرجي تو ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون.


بيشڪ تون ڪيڏو نہ ڀلو ۽ ٻاجھارو آهين! اي خداوند! تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.


اي زورآور ظالم! تون بڇڙائيءَ تي ڇو ٿو فخر ڪرين؟ جڏهن تہ رڳو خدا جي رحمت ئي دائمي آهي.


پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.


اوهين ضرور منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو ائين ڪندو تنهن جي حياتي بچي ويندي. آءٌ خداوند آهيان.


شريعت تي عمل ڪرڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جي باري ۾ موسيٰ بيشڪ اهو لکيو آهي تہ ”شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو جيئرو رهندو.“


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


ان کان علاوہ اسان پاڻ بہ ڄاڻي ورتو آهي ۽ اهو يقين بہ اٿئون تہ خدا جو اسان سان پيار آهي. بيشڪ خدا پيار آهي، تنهنڪري جيڪو پيار ۾ رهي ٿو سو خدا ۾ رهي ٿو ۽ خدا بہ انهيءَ ۾ رهي ٿو.


خداوند جهڙو ڪو ٻيو پاڪ ڪونهي، نڪي اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو محافظ آهي، هائو، هن کان سواءِ ٻيو ڪو ئي بہ ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ