Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:14 - Muslim Sindhi Bible

14 عيسيٰ چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر يسوع چيو تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت اهڙن جي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 يسوع چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 عيسيٰ چيو تہ ”ٻارن کي ڇڏيو تہ مون وٽ اچن، انھن کي نہ جھليو ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن خدا ابراهيم کي حڪم ڏنو هو، تيئن جڏهن اسحاق اٺن ڏينهن جو ٿيو تہ هن جو طهر ڪيائين.


انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان جي بادشاهيءَ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا.


عيسيٰ انهن تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ پوءِ اتان روانو ٿي ويو.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي آسمان جي بادشاهيءَ جون برڪتون ماڻين ٿا.


”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.


جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاهيءَ کي هڪ ننڍي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو، تيستائين اهو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


مون کي رڳو ايترو چيائين تہ ’تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ. سو هاڻي تون ڪنهن بہ قسم جي مئي يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ نہ پيءُ، ۽ نہ وري ڪابہ ناپاڪ شيءِ کائج، ڇوجو اهو ٻار ماءُ جي پيٽ کان ئي مرڻ تائين خدا جو ناذير ٿيندو.‘“


هن باس باسيندي چيو تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! پنهنجي ٻانهيءَ جي دکي حال تي نظر ڪر، پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪر، وساري نہ ڇڏ. جيڪڏهن تون پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ عطا ڪندين تہ آءٌ انهيءَ کي سڄي حياتيءَ لاءِ تو خداوند جي وقف ڪنديس ۽ انهيءَ جي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمندي.“


تڏهن حنہ اوڏانهن نہ ويئي. هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ ”جيستائين ٻار جو ٿڃ نہ ڇڏائينديس تيستائين اوڏانهن ڪين وينديس. پوءِ آءٌ ٻار کي وٺي اوڏانهن وينديس تہ جيئن هو خداوند جي آڏو حاضر ٿئي ۽ هميشہ اتي ئي رهي.“


پوءِ جڏهن انهيءَ جو ٿڃ ڇڏايائين، تڏهن انهيءَ ننڍڙي ٻار کي ساڻ ڪري، هڪ ٽسالو وهڙو، ڏهہ ڪلوگرام اٽو ۽ مئي سان ڀريل هڪڙي مشڪ پاڻ سان کڻي سيلا شهر ۾ خداوند جي مقدس خيمي وٽ آئي.


انهن ڏينهن ۾ سموئيل جيڪو اڃا ٻار هو، سو سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پهري خداوند جي خدمت ڪندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ