Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ ڪي ماڻهو عيسيٰ وٽ پنهنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن عيسيٰ پنهنجا هٿ انهن تي رکي کين دعا ڪري، پر شاگردن انهن ماڻهن کي ڇينڀيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهن کانپوءِ ننڍڙن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، انهي لاءِ تہ هو مٿن هٿ رکي ۽ دعا گهُري: ۽ شاگردن انهن کي ڇينڀيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پوءِ ڪي ماڻهو يسوع وٽ پنهنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن يسوع پنهنجا هٿ انهن تي رکي کين آسيس ڪري، پر چيلن انهن ماڻهن کي ڇينڀيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ پنھنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن عيسيٰ پنھنجا ھٿ انھن تي رکي کين دعا ڪري، پر شاگردن انھن ماڻھن کي ڇينڀيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ ڪنهن اچي يوسف کي ٻڌايو تہ ”تنهنجو پيءُ بيمار آهي.“ سو هو پنهنجا ٻيئي پٽ منسي ۽ افرائيم پاڻ سان وٺي يعقوب سان ملڻ ويو.


آءٌ کين وفادار دل عطا ڪندس تہ جيئن هو منهنجي سڌي رستي تي ئي هلن ۽ پنهنجي ڀلائيءَ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد جي ڀلائيءَ لاءِ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن.


پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهيءَ تي جھڻڪ ڏيندي چيائينس تہ ”اي خداوند! شل اوهين سلامت رهو ۽ اوهان سان ائين نہ ٿئي.“


ڇاڪاڻ تہ ڪي سبب آهن جو ماڻهو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي نامرد آهن، ڪن کي ماڻهن نامرد ڪيو آهي ۽ ڪي آسمان جي بادشاهيءَ جي لاءِ پنهنجي نفس کي مارين ٿا. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“


خلق انهن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اهي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سائين، دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“


خدا جو پاڪ روح ڏيڻ جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايمان واري زال جي ڪري غير ايمان وارو مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ايمان واري مڙس جي ڪري غير ايمان واري زال پاڪ ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار پليت هجن ها، پر هاڻي اهي پاڪ آهن.


پوءِ جڏهن انهيءَ جو ٿڃ ڇڏايائين، تڏهن انهيءَ ننڍڙي ٻار کي ساڻ ڪري، هڪ ٽسالو وهڙو، ڏهہ ڪلوگرام اٽو ۽ مئي سان ڀريل هڪڙي مشڪ پاڻ سان کڻي سيلا شهر ۾ خداوند جي مقدس خيمي وٽ آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ