Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:27 - Muslim Sindhi Bible

27 هن جي مالڪ کي مٿس رحم اچي ويو سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ انهي نوڪر جي ڌڻيءَ کي رحم آيو، تنهنڪري هن کي ڇڏي ڏنائين، ۽ اُهو قرض بہ کڻي معاف ڪيائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 هن جي مالڪ کي مٿس ديا اچي ويئي سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 مالڪ کي ھن تي رحم اچي ويو سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:27
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.


خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ دائمي ٻاجھہ وارو آهي.


پر جيئن تہ خدا رحيم آهي، سو انهن جا گناهہ معاف ٿي ڪيائين. هن بار بار پنهنجي غصي کي روڪيو ٿي، ۽ پنهنجي غضب کي وڌڻ ڪين ٿي ڏنائين. اهڙيءَ طرح هن انهن کي برباد ٿيڻ نہ ڏنو.


جيئن تہ اي ڌڻي! تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون دائمي شفقت ۽ وفا سان ڀرپور آهين، ۽ غصي ڪرڻ ۾ ڍرو آهين،


هن ڪري جو اي منهنجا ڌڻي! تون ئي معاف ڪندڙ ۽ ڀلو آهين. جيڪي تو کي پڪارين ٿا تن تي تون دائمي شفقت ڪندڙ آهين.


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


پوءِ جڏهن اهو نوڪر ٻاهر نڪتو تہ پنهنجو هڪ ساٿي نوڪر مليس جنهن ڏانهن هن جا هڪ سؤ چانديءَ جا سڪا قرض هئا. هن انهيءَ کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيس تہ ’مون کي منهنجو قرض واپس ڏي.‘


تنهن تي مالڪ انهيءَ نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنهنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي منٿون ڪيون هيون.


پر انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونہ هو جو کڻي ان کي واپس ڪن، تنهنڪري ٻنهي کي بخشي ڇڏيائين. هاڻي انهن ٻنهي مان کيس گھڻو پيار ڪير ڪندو؟“


شمعون وراڻي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڀانئيان ٿو تہ جنهن کي گھڻو بخش ڪيائين، اهو.“ تڏهن عيسيٰ چيو تہ ”تو صحيح جواب ڏنو.“


پوءِ هو پنهنجن ڌارين معبودن کان جند ڇڏائي خداوند جي عبادت ڪرڻ ۾ لڳي ويا. بني اسرائيل جو برو حال خداوند کان وڌيڪ ڏٺو نہ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ