Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:25 - Muslim Sindhi Bible

25 پر انهيءَ نوڪر وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي قرض لاهي. تنهنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي تنهن کي بہ وڪڻي قرض وصول ڪيو وڃي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پر هن وٽ هو ڪي بہ ڪين، جنهن سان پنهنجو قرض کڻي لاهي، تنهنڪري سندس ڌڻيءَ حڪم ڪيو تہ هن کي، ۽ سندس زال ۽ ٻارن کي، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هجي، سو سڀ وڪڻي قرض جي ادائي ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 پر انهيءَ نوڪر وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي قرض لاهي. تنهنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کي، سندس پتنيءَ ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي تنهن کي بہ وڪڻي قرض وصول ڪيو وڃي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 پر ان نوڪر وٽ ايترو پيسو ڪونہ ھو جو کڻي قرض لاھي، تنھنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’ھن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آھي تنھن کي بہ وڪڻي قرض جي ادائگي ڪئي وڃي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:25
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي عورت اليشع وٽ آئي جنهن جو مڙس نبين جي ٽولي مان هو ۽ مري ويو هو. انهيءَ عورت اليشع کي چيو تہ ”اوهان جو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي! توهان کي خبر آهي تہ هو خدا جو خوف رکڻ وارو ماڻهو هو. پر هاڻ انهيءَ جو هڪڙو لهڻيدار آيو آهي، جيڪو پنهنجي قرض ۾ منهنجا ٻہ پٽ غلام ڪري وٺي وڃڻ چاهي ٿو.“


جيتوڻيڪ اسين پنهنجي هم‌وطنن جو هڏ رت آهيون ۽ اسان جا ٻار بہ هنن جي ٻارن جهڙا آهن، تنهن هوندي بہ اسان کي پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئرون غلاميءَ ۾ ڏيڻيون ٿيون پون. اسان جون ڪي ڌيئر تہ اڳي ئي غلاميءَ ۾ آهن، پر کين ڇڏائڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، ڇوجو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا انگورن جا باغ ٻين جي حوالي آهن.“


مون کين چيو تہ ”جيتري قدر ٿي سگھيو آهي تہ اسان پنهنجن ڪن يهودين کي پئسن سان ڇڏايو آهي، جيڪي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا. هاڻ وري اوهين کين پاڻ وٽ گروي رکڻ ٿا گھرو.“ تڏهن هنن کڻي ماٺ ڪئي ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪڇيائون.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجي هم‌قوم عبرانيءَ کي غلام طور خريد ڪري ٿو تہ اهو ڇهن سالن تائين سندس خدمت ڪندو. ستين سال هو مفت ۾ آزاد ٿي ويندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


”جيڪڏهن بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو هم‌قوم جيڪو اوهان منجھہ رهندو هجي، سو غريب ٿي وڃي ۽ پاڻ کي اوهان وٽ وڪڻي ڇڏي تہ اوهين انهيءَ کان غلامن وانگر پورهيو نہ ڪرائجو.


جڏهن هو حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس هڪ اهڙو نوڪر آندو ويو جنهن ڏانهن هن جا ڪروڙين چانديءَ جا سڪا قرض هئا.


پر انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونہ هو جو کڻي ان کي واپس ڪن، تنهنڪري ٻنهي کي بخشي ڇڏيائين. هاڻي انهن ٻنهي مان کيس گھڻو پيار ڪير ڪندو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ