Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:23 - Muslim Sindhi Bible

23 ڏسو، آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي بادشاهہ پنهنجي نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تنهنڪري آسمان جي بادشاهت هڪڙي بادشاهہ جي مثل آهي، جنهن جي مرضي ٿي تہ پنهنجن نوڪرن سان حساب ڪتاب لاهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 ڏسو، آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي راجا پنهنجي نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ھڪ بادشاھہ وانگر آھي، جنھن پنھنجن نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:23
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ميڙ کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو سٺو ٻج پوکيو.


عيسيٰ انهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو کڻي ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو.


عيسيٰ انهن کي هڪڙو ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي خمير مثل آهي، جيڪو ڪنهن عورت کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“


”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ ڪي مهاڻا پنهنجو ڄار ڍنڍ ۾ اڇلائين ٿا، جنهن ۾ هر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي.


تنهن تي هن چين تہ ”جيڪو بہ شريعت جو عالم آسمان جي بادشاهيءَ جو شاگرد ٿئي ٿو، سو پنهنجي علم مان نيون توڙي پراڻيون ڳالهيون ائين ٿو ڪڍي، جيئن ڪو گھر جو مالڪ پنهنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“


جڏهن هو حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس هڪ اهڙو نوڪر آندو ويو جنهن ڏانهن هن جا ڪروڙين چانديءَ جا سڪا قرض هئا.


”ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آسمان جي بادشاهي ڪنوار جي انهن ڏهن ساهيڙين وانگر هوندي جيڪي هڪڙيءَ رات پنهنجا ڏيئا کڻي گھوٽ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيون.


”ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آسمان جي بادشاهي انهيءَ ماڻهوءَ وانگر هوندي جنهن ٻئي ملڪ ڏانهن وڃڻ وقت پنهنجي نوڪرن کي سڏي پنهنجو مال ملڪيت انهن جي حوالي ڪيو.


”توبهہ ڪريو جو آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي.


مطلب تہ اسان مان هر هڪ خدا کي پنهنجو پنهنجو حساب ڏيندو.


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ