Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ٻہ ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انهن سان شامل آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو جتي ٻہ يا ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي گڏ ٿا ٿين، اُتي آئون بہ انهن جي وچ ۾ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ٻہ ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انهن سان شامل آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ڇالاءِ⁠جو جتي بہ ٻہ يا ٽي منھنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انھن سان شامل آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.


اوهين منهنجي لاءِ مٽيءَ جي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهجو. انهيءَ تي پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانين ڪرڻ واسطي پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڏاند ڳئون قربان ڪجو. هر انهيءَ جاءِ تي جيڪا آءٌ پنهنجي عبادت لاءِ مقرر ڪندس، اُتي آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان کي برڪت ڏيندس.


سندن حڪمران بہ ساڻن گڏ هيڪل ۾ داخل ٿئي ۽ واپسيءَ وقت ساڻن گڏ نڪري وڃي.


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


تڏهن پطرس عيسيٰ جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن منهنجو ڪو هم‌ايمان منهنجو ڏوهہ ڪندو رهي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“


۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


انهيءَ ساڳئي آچر جي ڏينهن شام جو جڏهن شاگرد يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“


هفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابراهيم جي ڄمڻ کان بہ اڳي آءٌ آهيان.“


سو جڏهن اوهين اسان جي خداوند عيسيٰ جي نالي ۾ گڏ ٿيندا تہ خداوند عيسيٰ جي قدرت سان گڏ منهنجو روح بہ اوهان سان هوندو.


هي خط مون پولس سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي آهي. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي هجي.


تو سان گڏ هي خط اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس ۽ تنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا لاءِ پڻ آهي.


هن مون کي اِفسس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن سونن شمعدانن جي وچ ۾ هلي ٿو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، خدا خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن خدا هوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ