Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ نہ مڃي تہ پوءِ جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’هڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي سامهون مٿس ثابت ٿئي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 پر جي هو تنهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي، تہ هڪڙو يا ٻہ ڄڻا پاڻ سان وٺي وڃ، تہ سموري ڳالهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان ثابت ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 پر جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ نہ مڃي تہ پوءِ جيئن موسيٰ جي نيم ۾ لکيل آهي تہ ’هڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي سامهون مٿس ثابت ٿئي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 پر جيڪڏھن ھو اوھان جي ڌيان سان نہ ٻڌي تہ پوءِ جيئن لکيل آھي تہ ’ھڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوھہ ٻن يا ٽن شاھدن جي سامھون مٿس ثابت ٿئي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ٻہ بدمعاش ماڻهو اچي نابوت جي سامهون ويٺا ۽ انهيءَ جي خلاف شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي.“ تڏهن نابوت کي شهر کان ٻاهر آندو ويو ۽ کيس سنگسار ڪري ماريو ويو.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي قتل ڪري تہ پوءِ انهيءَ قاتل کي شاهدن جي شاهديءَ تي ئي ماريو وڃي، پر انهيءَ لاءِ رڳو هڪڙي ئي شاهد جي شاهدي ڪافي ناهي.


اوهان جي پنهنجي ئي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’فيصلي جي ثابتيءَ لاءِ ڪن بہ ٻن شخصن جي شاهدي ضروري آهي.‘


جيئن تہ توريت ۾ لکيل آهي تہ ”ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ثابت ٿي ويندي،“ سو ياد رکو تہ هي ٽيون دفعو آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن پيو اچان.


اهڙي واجب‌القتل ماڻهوءَ کي رڳو هڪڙي شاهد جي شاهديءَ تي نہ ماريو وڃي، بلڪ ٻن يا ٽن شاهدن جي شاهديءَ تي کيس ماريو وڃي.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا بڇڙائي يا گناهہ ڪري ٿو تہ انهيءَ جي خلاف رڳو هڪڙي شخص جي شاهدي ڪافي نہ آهي، بلڪ ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي ڳالهہ ثابت ٿيندي.


ڪنهن اڳواڻ تي ڪا تهمت لڳي تہ اها ٻن يا ٽن شاهدن کان سواءِ نہ ٻڌجانءِ.


جڏهن ڪو ماڻهو موسيٰ جي شريعت کي نہ ٿو مڃي تہ بنا ڪنهن رحم جي ”ٻن يا ٽن ماڻهن جي شاهديءَ تي کيس ماريو ٿو وڃي،“


آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي پيغام ٻڌائين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ