Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ جڏهن سڀيئي شاگرد گليل علائقي ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انهن کي ٻڌايو تہ ”ابنِ آدم جلد ئي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ اڃا هو گليل ۾ رهيا پيا هئا، تہ يسوع کين چيو تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 پوءِ جڏهن سڀيئي چيلا گليل علائقي ۾ اچي گڏ ٿيا تہ يسوع انهن کي ٻڌايو تہ ”منش‌پتر جلد ئي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 جڏھن سڀيئي شاگرد گليل ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:22
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو ابنِ آدم کي بادشاهہ جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو جڏهن تہ ماڻهن هن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهن جي هٿان تڪليفون سهندو.“


اهي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ تنهن تي شاگرد ڏاڍا غمگين ٿي پيا.


پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ لٿا پئي تہ عيسيٰ کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين ابنِ آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“


ان وقت گھڻا ئي گمراهہ ٿيندا، هڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ هڪٻئي سان دشمني ڪندا.


ان کان پوءِ يهوداہ اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ جيئن عيسيٰ کي پڪڙائي.


اُٿو، هلي ڏسو، مون کي پڪڙائڻ وارو ويجھو اچي پهتو آهي.“


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”ابنِ آدم لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ٿي اُٿي.“


ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“


کين چيائين تہ ”پاڪ ڪلام ۾ هيئن لکيل آهي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ ٽئين ڏينهن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو.


عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”ابنِ آدم لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي خدا کيس وري جيئرو ڪري اٿاري.“


سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏهن سڀ ماڻهو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي سڀني شاگردن کي چيو تہ


اهو ڪهڙو نبي هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي.


جيڪا ڳالهہ مون کي خداوند عيسيٰ کان ملي هئي سا مون اڳ ۾ اوهان تائين پهچائي آهي. اها هيءَ آهي تہ جنهن رات خداوند عيسيٰ کي گرفتار ڪرايو ويو، تنهن رات هن ماني کڻي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ