Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پوءِ يسوع هن کي جهڻڪيو ۽ ڀوت منجهانئس نڪري ويو، ۽ ڇوڪر اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 پوءِ يسوع ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ ھو نڪري ويو ۽ انھيءَ گھڙيءَ ڇوڪرو چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ وٽ هڪڙو ماڻهو آندو ويو جيڪو انڌو هو ۽ ڳالهائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ ڀوت هو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو، تڏهن هو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! تون تہ وڏو ايمان رکين ٿي. تون جيڪو گھرين ٿي سو ئي تو لاءِ ٿئي.“ انهيءَ وقت ئي سندس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بي‌يقين ۽ گمراهہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان وٽ هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ آندو وڃي.“


پوءِ نويڪلائيءَ ۾ شاگردن عيسيٰ جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“


تڏهن عيسيٰ ڦري انهيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.


عيسيٰ ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي.


هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو عيسيٰ کيس انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ پئي چيو.


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر عيسيٰ انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.


هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو عيسيٰ انهيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ ”هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ.“ اهو ڀوت اڪثر انهيءَ کي وٺندو هو ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ ڪڙن سان ٻڌي مٿس نظر رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو هو ۽ ڀوت کيس رڻ‌پٽ ۾ گهليندو وتندو هو.


جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين.


ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڇوڪريءَ مان نڪري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ