Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ڇهن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ يسوع، پطرس ۽ يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي پاڻ سان گڏ خلاصو هڪڙي مٿانهين جبل تي وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ڇهن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ ھڪڙي مٿاھين جبل تي وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:1
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.


هو پطرس سان گڏ زبديءَ جي ٻن پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان وٺي ويو. اتي هو ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو.


پوءِ عيسيٰ جڏهن هيڪل جي سامهون زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو تڏهن پطرس، يعقوب، يوحنا ۽ اندرياس هن سان نويڪلائيءَ ۾ اچي مليا.


پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ اوڏانهن هلڻ جي اجازت نہ ڏني.


پوءِ هو جڏهن انهيءَ گھر ۾ آيو تہ ڏٺائين تہ سڀني ڇوڪريءَ لاءِ پئي رنو ۽ پٽيو. اهو ڏسي عيسيٰ چين تہ ”روئو نہ، ڇو تہ هوءَ مئي ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ تنهن تي اهي عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي يقين هو تہ هوءَ مري ويئي آهي. پوءِ عيسيٰ پطرس، يوحنا، يعقوب ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پاڻ سان گڏ ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏنو.


جيئن تہ توريت ۾ لکيل آهي تہ ”ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ثابت ٿي ويندي،“ سو ياد رکو تہ هي ٽيون دفعو آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن پيو اچان.


اسان پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.


ان وقت اسين بہ خداوند عيسيٰ سان گڏ پاڪ جبل تي موجود هئاسون ۽ اسان پاڻ اهو آواز آسمان مان ايندي ٻڌو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ