متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:21 - Muslim Sindhi Bible21 انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible21 انهي وقت کان وٺي يسوع پنهنجي شاگردن کي ٻڌائڻ لڳو تہ ضرور آهي تہ آئون يروشلم ۾ وڃان، ۽ بزرگن ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي هٿان گهڻيون سختيون سهان، ۽ ماريو وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي اُٿان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible21 انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي چيلن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريو وڃان.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament21 انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |