Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:29 - Muslim Sindhi Bible

29 عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ويجھو پهتو ۽ ان جي ڪناري سان هلڻ لڳو. پوءِ هو هڪڙي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ اتي ويهي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 پوءِ يسوع اُتان روانو ٿيو، ۽ گليل جي سمنڊ جي ويجهو آيو، ۽ جبل تي چڙهي وڃي اُتي ويهي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 يسوع اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ويجھو پهتو ۽ ان جي ڪناري سان هلڻ لڳو. پوءِ هو هڪڙي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ اتي ويهي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ڪناري سان ھلڻ لڳو. پوءِ ھو ھڪڙي ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ اُتي ويھي رھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:29
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي اڳي ڏک ۾ هئا تن لاءِ ڪا اونداهي نہ هوندي. اڳ ۾ خدا زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي علائقن کي حقارت جهڙو ڪيو هو. پر ايندڙ زماني ۾ ڀونوچ سمنڊ کان وٺي اردن درياءَ جي اوڀر پاسي تائين، بلڪ گليل واري علائقي سميت جتي غير قومون رهن ٿيون، يعني سڄي اسرائيل ملڪ کي هو عزت وارو ڪندو.


سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ وڃي هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.


جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون جنهن کي پطرس بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. اهي ٻيئي مهاڻا هئا ۽ ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌائون.


عيسيٰ وڏو ميڙ ڏسي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ جڏهن اتي ويهي رهيو تہ شاگرد سندس چوڌاري مڙي آيا.


جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري سان وڃي رهيو هو تہ کيس ٻہ مهاڻا شمعون ۽ سندس ڀاءُ اندرياس نظر آيا، جن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌا.


هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ خدا جون ڳالهيون ٻڌن.


ان کان پوءِ عيسيٰ وري پنهنجي شاگردن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي ڏيکاري ڏني. اهو هن طرح ٿيو.


هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ يعني تبرياس ڍنڍ جي هُن ڀر روانو ٿيو،


ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي خداوند عيسيٰ جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي ماني کارائي ويئي هئي.


هن جي بادشاهي اردن درياءَ جي اوڀر واري ميدان تي پڻ هئي، يعني گليل ڍنڍ کان کاري سمنڊ تائين بيت‌يسيموت ڏانهن ويندڙ رستي تي ۽ ڏکڻ ۾ وري پسگہ جي لاهيءَ جي هيٺ تائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ