Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:22 - Muslim Sindhi Bible

22 اتان جي هڪ ڪنعاني عورت عيسيٰ جي پٺيان وڏي آواز سان پڪاريندي ٿي آئي تہ ”اي سائين! اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو. منهنجي ڌيءَ ۾ ڀوت آهي، جيڪو کيس ڏاڍو ستائي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ ڏسو، هڪڙي ڪنعاني زال اُنهن حدن مان نڪري آئي، ۽ پڪاري چوڻ لڳي تہ اي خداوند، اي دائود جا فرزند، تون مون تي رحم ڪر؛ منهنجي ڌيءَ کي هڪڙي ڀوت ڏاڍو هلاڪ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 اتان جي هڪ ڪنعاني ناري يسوع جي پٺيان وڏي آواز سان پڪاريندي ٿي آئي تہ ”اي سوامي! اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو. منهنجي ڌيءَ ۾ ڀوت آهي، جيڪو کيس ڏاڍو ستائي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 اتان جي ھڪ ڪنعاني عورت ھن وٽ آئي ۽ رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو. منھنجي ڌيءَ کي ڀوت آھي، جيڪو کيس ڏاڍو ھلاک ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:22
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي مون سان عدل ڪرڻ وارا منهنجا خدا! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، تون منهنجو عرض اگھاءِ، تون ئي مشڪل گھڙين مان مون کي ڇڏائيندو رهيو آهين. سو هاڻي بہ مون تي پنهنجو ڪرم ڪر، ۽ منهنجي دعا قبول فرماءِ.


صور شهر جا باشندا نذرانا آڻي تو آڏو حاضر ٿيندا، بلڪ قومن جا دولتمند ماڻهو تنهنجي حمايت جا طالبو ٿيندا.


اي خداوند! مون تي رحم ڪر، ڇوجو آءٌ هيڻو ٿي ويو آهيان. اي خداوند! مون کي چڱو ڀلو ڪر، ڇوجو منهنجي هڏين ۾ ڪو ست ناهي.


جيڪڏهن آءٌ تو کي انهن وڏين قومن ڏانهن موڪليان، جن جون ٻوليون ڌاريون ۽ مختلف آهن ۽ جيڪي تون سمجھي نہ ٿو سگھين، تڏهن بہ اهي تنهنجيون ڳالهيون ضرور ٻڌندا.


عيسيٰ مسيح جيڪو دائود ۽ ابراهيم جو اولاد آهي، تنهن جو شجرو هي آهي.


پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. تڏهن سندس شاگردن ويجھو اچي منٿ ڪندي چيس تہ ”استاد! هن کي روانو ڪريو جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“


چوڻ لڳس تہ ”سائين! منهنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هن کي مرگھيءَ جو اهڙو ڏکوئيندڙ مرض آهي جو اڪثر ڪري باهہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري.


انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


جڏهن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“


وڏي واڪي چيس تہ ”اي عيسيٰ! اي سائين! اسان تي رحم ڪريو.“


پر ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پري بيٺو رهيو ۽ آسمان ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ نهاريائين، بلڪ ڇاتي پٽيندي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنهگار تي رحم ڪر.‘


هو انهيءَ لاءِ آيا تہ سندس ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين. جيڪي ڀوتن جا ستايل هئا سي بہ آيا ۽ شفا پاتائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ