Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پر جيڪي ڳالهيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اهي ئي ڳالهيون انسان کي پليت ڪن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن؛ ۽ اُهي انسان کي پليت ٿيون ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 پر جيڪي ڳالهيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اهي ئي ڳالهيون انسان کي اپوِتر ڪن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اھي ئي شيون انسان کي پليت ڪن ٿيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن جي وات ۾ بڇڙائيءَ ۽ دغا جون ڳالهيون آهن. هنن ڏاهپ ۽ نيڪيءَ کي بلڪل ئي ڇڏي ڏنو آهي.


سچار ماڻهو صحيح ڳالهہ ڪرڻ ڄاڻين ٿا، مگر بدڪار ماڻهوءَ کي صحيح ڳالهہ ڪرڻ جي ڄاڻ ئي ڪونهي.


جيڪا نصيحت عقلمندن جي زبان مان ٿي نڪري، سا وڻندڙ آهي. مگر بي‌عقلن جي وات مان بي‌وقوفي وهيو نڪري.


سچار ماڻهو سوچي سمجھي ورندي ڏيندا آهن، مگر بدڪار ماڻهن جي بڪواس ۾ بڇڙائيءَ واريون ڳالهيون آهن.


سوچ ويچار ڪرڻ ۾ خبرداريءَ کان ڪم وٺو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زندگي اوهان جي خيالن سان ئي گھڙجي تيار ٿئي ٿي.


خبيث ۽ بدڪار ماڻهو هر هنڌ ڪوڙ ڳالهائيندا ٿا وتن.


سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.


تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي پليت ڪري ٿي.“


ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي پوي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاهر نڪري وڃي ٿو.


هن وڌيڪ چين تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاهر ٿو نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري.


هن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنهنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوهاري قرار ڏيندس. جڏهن تو کي خبر بہ هئي تہ آءٌ سخت ماڻهو آهيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان،


جيئن اڳئين زماني جي ماڻهن جو پهاڪو آهي تہ ’بڇڙن کان ئي بڇڙائي ٿئي ٿي.‘ سو منهنجو هٿ توهان تي ڪين کڄندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ