Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:29 - Muslim Sindhi Bible

29 تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانهن وڃڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ هن چيس تہ اچ. سو پطرس ٻيڙيءَ مان لهي يسوع وٽ اچڻ جي لاءِ پاڻيءَ تي هلڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو يسوع ڏانهن وڃڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانھن وڃڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:29
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن تون آهين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي هلي تو وٽ اچان.“


پر جڏهن هن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”اي خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“


عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين اهو ڀوت انهيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوهان ۾ ايترو ايمان ڪونہ هو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان ۾ سرنهن جي داڻي جيترو بہ ايمان هوندو تہ اوهين هن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’هتان هلي هُتي وڃ‘ تہ هو ويندو. اوهان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ‌ٿيڻي نہ آهي.“


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوهين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون هن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏهن اوهين هن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.


عيسيٰ هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ خدا تي ايمان رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“


خداوند چين تہ ”جيڪڏهن اوهين سرنهن جي داڻي جيترو بہ ايمان رکو ٿا تہ اوهين توت جي هن وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اهو بہ اوهان جي مڃيندو.“


اها عيسيٰ تي ايمان آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي قدرت ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، عيسيٰ جي نالي تي ايمان آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا.


جيتوڻيڪ سندس عمر اٽڪل هڪ سؤ سال هئي ۽ ڄاتائين ٿي تہ سندس مرداڻي طاقت اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي آهي ۽ سارہ ۾ بہ ڄڻڻ جي اميد ڪانہ هئي، تنهن هوندي بہ ابراهيم جو ايمان ڪمزور نہ ٿيو


مطلب تہ خداوند عيسيٰ جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ