Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:20 - Muslim Sindhi Bible

20 سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو، تنهن جي باوجود جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان شاگردن ٻارهن کاريون ڀريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ انهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو: ۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا، تن جون ٻارهن کاريون ڀري کنيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو، تنهن جي باوجود جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان چيلن ٻارهن کاريون ڀريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 سڀني کائي ڍءُ ڪيو. پوءِ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان شاگردن ٻارھن کاريون ڀري کنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:20
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”مون بني اسرائيل جون شڪايتون ٻڌيون آهن. تون هنن کي چئُہ تہ شام جي وقت اوهين گوشت کائيندا ۽ صبح جو اوهان کي ڍءَ تي ماني ملندي. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


موسيٰ وڌيڪ چين تہ ”شام جي وقت خداوند اوهان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو ۽ صبح جو ڍءُ تي ماني ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند جي خلاف جيڪي شڪايتون ڪريو ٿا سي هو ٻڌي ٿو. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي خلاف نہ پر خداوند جي خلاف آهي.“


سچار ماڻهو جيترو بہ کائي ٿو تہ سندس ڍءُ ٿيو وڃي، جڏهن تہ بدڪار ماڻهو ڪيترو بہ کائي پر سدائين بکيو ٿو رهي.


آءٌ اوهان جي روزيءَ جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ايتري قدر جو ڏهہ عورتون هڪڙي ئي تنور ۾ مانيون پچائي سگھنديون. اهي اوهان جي ماني اوهان کي توري‌تڪي ڏينديون. اوهين اهي سڀ کائي ويندا تہ بہ اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو.


اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.


جن ماڻهن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل پنج هزار هو.


تنهن تي شاگردن چيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي هيڏي سڄي خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني اسين ڪٿان آڻينداسين؟“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.


هن بکايلن کي سٺين شين سان ڍءُ ڪرايو آهي، ۽ شاهوڪارن کي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو اٿس.


پوءِ تہ سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون شاگردن ٻارهن کاريون ڀريون.


تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ