Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:54 - Muslim Sindhi Bible

54 ۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ هن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”هن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اهڙي قدرت ڪٿان حاصل ڪئي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

54 ۽ پنهنجي وطن ۾ اچي ماڻهن کي سندن عبادتخاني ۾ تعليم ڏنائين، جنهنڪري هو عجب ۾ پئي چوڻ لڳا، تہ هن ماڻهوءَ کي هيءَ دانائي ۽ معجزا ڪٿان آيا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

54 ۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو، جتي سندن ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو. جن بہ هن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”هن ايڏي سياڻپ ۽ چمتڪار ڪرڻ جي اهڙي شڪتي ڪٿان حاصل ڪئي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

54 ۽ موٽي پنھنجي شھر ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ ھن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”ھن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اھڙي طاقت ڪٿان حاصل ڪئي آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:54
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي قوم وارن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس، ۽ هيڪل جي گڏجاڻيءَ ۾ تنهنجو هي حمد ڳائيندس تہ


۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ نبين جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“


عيسيٰ گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.


جڏهن عيسيٰ هي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن اتي موجود سڄي خلق سندس تعليم تي حيران ٿي ويئي،


جن بہ هن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي هن جي سمجھہ ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب ۾ پئجي ٿي ويا.


هو پنهنجن وٽ آيو، پر پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.


پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ خدا جو اهو پيغام پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري تعليم هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو عيسيٰ جا ساٿي آهن.


جڏهن انهن سڀني ماڻهن جيڪي کيس اڳي کان سڃاڻيندا هئا، اهو ڏٺو تہ هو نبين سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو آهي، تڏهن اهي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”قيس جي پٽ کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇا سائول بہ نبين منجھان آهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ