Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:45 - Muslim Sindhi Bible

45 آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ موتين جو هڪڙو سوداگر عمدن موتين جي ڳولا ۾ رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

45 وري آسمان جي بادشاهت هڪڙي سوداگر مثل آهي؛ جنهن چڱا موتي پئي ڳوليا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

45 آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ موتين جو هڪڙو سوداگر عمدن موتين جي ڳولا ۾ رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

45 آسمان واري بادشاھت موتين جي ھڪڙي سوداگر مثل پڻ آھي، جيڪو عمدا موتي ڳولي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:45
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سان گڏ مرجان ۽ بلور جو ذڪر بہ نہ ٿو ڪري سگھجي. هائو، ڏاهپ جي ٿيلهي هيرن جواهرن جي ٿيلهيءَ کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي.


جيڪي نصيحتون ٻڌايون ويون آهن تن جو حاصل مطلب هي آهي تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس حڪمن تي عمل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هر انسان جو اهو ئي فرض آهي.


سو آءٌ دانائيءَ واري ڳالهہ ڪندي چوان ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.


عيسيٰ ميڙ کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو سٺو ٻج پوکيو.


جڏهن هو ڪو تمام عمدو موتي لهي ٿو تہ وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اهو موتي خريد ڪري ٿو.“


ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجن ڪمن سان هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ تي هليو ويو تہ ڪو وري پنهنجي ڪاروبار کي لڳي ويو.


اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ