Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:35 - Muslim Sindhi Bible

35 انهيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالهائيندس ۽ اهي ڳالهيون چوندس، جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 انهي لاءِ تہ جيڪي نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ ”آئون مثالن ٻُڌائڻ لاءِ پنهنجو وات کوليندس؛ آئون اُهي ڳالهيون ڳالهائيندس، جي دنيا جي بنياد کان وٺي ڳجهيون هيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

35 انهيءَ لاءِ تہ جيئن سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالهائيندس ۽ اهي ڳالهيون چوندس، جيڪي سنسار جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 انھيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالھائيندس ۽ اُھي ڳالھيون چوندس، جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:35
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجيون ڳالهيون مثالن جي صورت ۾ ڪندس، ۽ قديم زماني جا اسرار بيان ڪندس.


۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل هو تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي.


اسين تہ خدا جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا خدا دنيا جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.


اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي بادشاهيءَ ۾ رهو، جيڪا دنيا جي خلقڻ کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪئي ويئي آهي،


اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي راز ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خدا جي مخصوص ڪيل رسولن ۽ سندس ٻين پيغام ڏيندڙن تي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.


ڏسو، منهنجيون اڳ ۾ ٻڌايل ڳالهيون هاڻي اچي پوريون ٿيون آهن. اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان کي نيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٻڌائيندس، جيڪي ايندڙ وقت ۾ ٿينديون.“


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان کي سجدو ڪندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


اهڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي ٿو تہ ’”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين، اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“


هاڻ آءٌ هڪڙي ڏاهپ واري چوڻيءَ تي غور ڪندس، ۽ سُرندو وڄائيندي آءٌ انهيءَ جي حڪمت جو بيان ڪندس.


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. زمين جا اهي رهاڪو جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


سو قيامت جي ڏينهن تي اوهين صور ۽ صيدا وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.


هي آءٌ خداوند چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“


اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالهايو.


هو انهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. هن چيو تہ ”هڪ هاري ٻج ڇٽڻ ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ