متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:11 - Muslim Sindhi Bible11 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آسمان جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 ۽ هن کين ورندي ڏيئي چيو تہ اوهان کي آسمان جي بادشاهت جي ڳجهن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، پر نہ هنن کي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible11 يسوع کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آڪاش جي راڄ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament11 عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھيءَ ڪري جو اوھان کي تہ آسمان واري بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي پر انھن کي نہ، အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.
پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.