Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:38 - Muslim Sindhi Bible

38 پوءِ ڪن شريعت جي عالمن ۽ فريسين هن کي چيو تہ ”اي استاد! اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا خدائي نشاني ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 تڏهن ڪن فقيهن ۽ فريسين هن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، اسان جي مرضي آهي تہ اسان کي ڪا نشاني ڏيکار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 پوءِ ڪن نيم شاسترين ۽ فريسين هن کي چيو تہ ”اي گرو! اسان کي ثابتيءَ لاءِ ايشور طرفان ڪا نشاني ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 پوءِ ڪن شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھن کي چيو تہ ”اي استاد! اسان کي ڪو معجزو ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:38
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جا لفظ ئي اوهان کي ڏوهي يا بي‌ڏوهي قرار ڏياريندا.“


جڏهن تہ ٻين وري آزمائڻ لاءِ چيس تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪا آسماني نشاني ڏيکار.“


جيئن پوءِ تيئن عيسيٰ جي چوگرد ماڻهن جو ميڙ وڌندو پئي ويو تڏهن هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا آهن جو اهي مون کان خدائي نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.


تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ڪا خدائي نشاني ڏيکار.“


تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اوهين ماڻهو تيستائين ايمان نہ آڻيندا، جيستائين معجزا ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“


تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ڪهڙي خدائي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي ايمان آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟


يهودي تہ ثابتيءَ لاءِ معجزا گھرندا آهن، جڏهن تہ يوناني ڏاهپ جا ڳولائو هوندا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ