متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:31 - Muslim Sindhi Bible31 تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪنهن بہ گناهہ يا ڪفر جي معافي ملي سگھي ٿي، سواءِ انهيءَ ڪفر جي جيڪو پاڪ روح جي خلاف بڪيو وڃي ٿو. اهو هرگز نہ بخشيو ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible31 تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ سڀڪو گناهہ ۽ ڪفر ماڻهن کي معاف ڪيو ويندو؛ پر پاڪ روح جي حق ۾ ڪفر معاف نہ ڪيو ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible31 تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪنهن بہ پاپ يا ايشور جي نندا جي معافي ملي سگھي ٿي، سواءِ انهيءَ نندا جي جيڪا پوِتر آتما جي خلاف بڪي وڃي ٿي. اها هرگز نہ بخشي ويندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament31 تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھر ھڪ گناھہ ۽ ڪفر ماڻھن کي بخش ٿي سگھندو، پر پاڪ روح جي خلاف بڪيل ڪفر نہ بخشيو ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا گناهہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو گناهہ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ گناهہ ڪرڻ واري بابت دعا گھرڻ کپي.