متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:25 - Muslim Sindhi Bible25 عيسيٰ انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سا برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible25 ۽ هن سندن خيال سهي ڪري چين، تہ هرڪا بادشاهت جنهن ۾ ڦوٽ ٿي پوي سا برباد ٿيو وڃي، ۽ هرڪو شهر يا گهر جنهن ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو جٽاءُ نہ ڪندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible25 يسوع انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ راڄ ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament25 عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بہ بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوي ٿو سا برباد ٿيندي ۽ جنھن بہ شھر يا گھر ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو بہ ھلي نہ سگھندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.