Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 تڏهن فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن يسوع کي ختم ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 فريسي ھليا ويا ۽ پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي،


صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون.


فصح ۽ بي‌خميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻي هئي. سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين.


تنهن تي فريسي ٻاهر نڪري وڃي هڪدم هيروديس جي حمايت ڪندڙ ماڻهن سان مليا ۽ عيسيٰ جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ کيس ڪيئن ختم ڪجي.


جڏهن تہ سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ عيسيٰ کي چپ چاپ ۾ مارائي ڇڏين، ڇو تہ اهي خلق کان ڊنا ٿي.


تڏهن شريعت جا عالم ۽ فريسي ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


تنهن تي ماڻهن وري پٿر کنيا تہ جيئن کيس سنگسار ڪن.


تنهن تي هنن وري بہ عيسيٰ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو اتان کسڪي هليو ويو.


انهيءَ ڏينهن کان وٺي يهودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.


سردار ڪاهنن ۽ فريسين هي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ ”ڪنهن کي بہ خبر پوي تہ عيسيٰ ڪٿي آهي تہ اهو ضرور اطلاع ڏئي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“


هن ڳالهہ جي ڪري يهودي اڳواڻ هيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو، بلڪ خدا کي پنهنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.


تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو.


عيسيٰ بابت ماڻهن جي اها سُس پُس جڏهن فريسين ٻڌي تڏهن انهن ۽ سردار ڪاهنن گڏجي هيڪل جي ڪن پهريدارن کي موڪليو تہ جيئن هو کيس پڪڙين.


انهن مان ڪي ماڻهو کيس پڪڙڻ پيا چاهين، پر ڪنهن بہ هن ۾ هٿ نہ وڌو.


تنهن تي انهن عيسيٰ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسيٰ پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ