Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:5
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن لهي وڃي اردن درياءَ ۾ ست ٽٻيون ڏنيون، جيئن خدا جي ٻانهي کيس چيو هو. تڏهن هن جي چمڙي ڇٽي ٻار جي چمڙيءَ جيان ٿي پيئي ۽ هو پاڪ ٿي پيو.


جيئن ئي اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو تيئن ئي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ ”آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جياريان! هي بادشاهہ ڇو هڪڙي ڪوڙهہ جهڙي چمڙي جي بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ ڏسو تہ ڪيئن نہ هو مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ وجھہ ٿو ڳولي.“


خداوند ئي انڌن جون اکيون کولي ٿو، ۽ جيڪي مشڪلاتن ۾ وڃيو ڪرن ٿا، تن کي هو اٿاري کڙو ڪري ٿو. هو ئي اسان ۾ رهندڙ ڌارين جي حفاظت ڪري ٿو، ۽ يتيمن ۽ رنن‌زالن جي سنڀال لهي ٿو. بيشڪ خداوند سچارن کي پيار ڪري ٿو، جڏهن تہ بڇڙن جون راهون رد ڪري ڇڏي ٿو.


غريب ماڻهو اهي کائي ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند جا طالبو سندس تعريف ڪندا. شال انهن سڀني جون دليون سدائين زندہ رهن!


تنهن تي خداوند چيس تہ ”ماڻهوءَ کي وات ڪنهن ڏنو آهي؟ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ ڇا اهو آءٌ نہ ٿو ڪريان جيڪو خداوند آهيان؟


هائو، جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن ٻوڙا بہ دستاويز جون پڙهيون ويندڙ ڳالهيون ٻڌي سگھندا، ۽ انڌا، جيڪي اونداهيءَ دنيا ۾ ٿا گذارين، تن جون اکيون روشن ٿينديون ۽ اهي ڏسي وائسي سگھندا.


تڏهن غريب ۽ مسڪين ماڻهو خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي ڪري وڌيڪ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”منهنجي قوم جي ماڻهن کي ڪڍي عدالت ۾ آندو وڃي، هنن کي اکيون تہ آهن پر اهي ڏسي نہ ٿا سگھن، هنن کي ڪن تہ آهن پر اهي ٻڌي نہ ٿا سگھن.


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


سو آءٌ انهيءَ ڌڻ کي رڍن جي واپارين لاءِ چارڻ لڳس، جيڪو ڪوس لاءِ مقرر هو. تڏهن مون ٻہ لٺيون کنيون جن مان هڪڙيءَ کي ”مهرباني“ ۽ ٻيءَ کي ”اتحاد“ سڏيم. اهڙيءَ طرح آءٌ ڌڻ کي چارڻ لڳس.


بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.


تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهين ٻڌو ۽ ڏسو ٿا سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ


پوءِ هن انهيءَ ماڻهوءَ کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي هٿ جهڙو ٿي پيس.


پوءِ اتي هيڪل ۾ ڪي انڌا ۽ منڊا عيسيٰ وٽ آيا ۽ هن انهن سڀني کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.


”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.


تڏهن اهي ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ عيسيٰ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”متان اها ڳالهہ ڪنهن کي ٻڌايو.“


سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪهڙي نہ سهڻي نموني سان هو هر هڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ هو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“


عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙو ۽ گونگو ڪرڻ وارا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان هڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏهن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“


”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. جڏهن تہ جيڪي ڪم آءٌ پنهنجي پيءُ جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي بہ منهنجي شاهدي ٿا ڏين.


جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پيءُ جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آهيان.“


عيد فصح جي موقعي تي جڏهن عيسيٰ يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس ايمان آندو.


هڪ رات هو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ هجي.“


پر مون وٽ جيڪا شاهدي آهي سا يحيٰ جي شاهديءَ کان بہ وڌيڪ آهي. هائو، جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اهي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ هينئر ڪري رهيو آهيان، سي ئي منهنجي شاهدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.


۽ چيائينس تہ ”پنهنجو منهن انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو شيلوخ آهي.“ (شيلوخ جي معنيٰ ”موڪليل“ آهي.) پوءِ هو ويو ۽ انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوتائين ۽ موٽ تي هو ڏسندو وائسندو آيو.


پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ خدا اوهان جي اڳيان عيسيٰ ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، خدا انهيءَ جي هٿان معجزا، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ