Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هاڻي جڏهن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ هن پنهنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانهن موڪليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 هاڻي جڏهن يوحنا قيدخاني ۾ ٻڌو تہ مسيح ڪهڙا ڪم پيو ڪري، تڏهن پنهنجن شاگردن جي معرفت کيس چوائي موڪليائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هاڻي جڏهن يوحنا جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ هن پنهنجا ڪي چيلا يسوع ڏانهن موڪليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 جڏھن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ ھن پنھنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانھن موڪليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح ابراهيم کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏهن پيڙهيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون ۽ بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون.


ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين.


جڏهن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آهي تڏهن هو گليل علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو.


پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوهان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“


هيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. هن اهو ڪم هيرودياس جي چوڻ تي ڪيو هو، جيڪا سندس ڀاءُ فلپس جي زال هئي ۽ جنهن سان هن فلپس جي جيئري ئي شادي ڪئي هئي.


پوءِ يحيٰ هيروديس انتپاس کي ملامت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيئري ئي سندس زال هيرودياس سان پرڻيو هو ۽ ٻيا بہ ڪيترائي برا ڪم ڪيا هئائين.


جڏهن عيسيٰ بابت سڄو احوال گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي ڪَن تي پيو تہ هو مونجھڪاري ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪن ماڻهن پئي چيو تہ ”يحيٰ مئلن مان جيئرو ٿيو آهي،“


عيسيٰ کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ