Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ابن آدم کائيندو پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ ڏسو پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست! پر ڏاهپ پنهنجن ڪمن جي ڪري سچي ثابت ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو دوست آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي ايشور جي ڏاهپ سچي ثابت ٿئي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ابن⁠آدم تہ کائيندو پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ھر ڪو پيو چوي تہ ’ڏسو، ھو پيٽو ۽ شرابي آھي، محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو دوست آھي.‘ خدا جي سياڻپ تہ سندس ڪمن مان ئي سچي ثابت ٿئي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:19
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! اهي تهمتون آهن، جيڪي منهنجا مخالف مون تي هڻن ٿا. پر تون انهن ماڻهن کي اهڙو ئي بدلو ڏيئي ڇڏ.


سمجھدار ماڻهو ڏاهپ حاصل ڪري ٿو وٺي، مگر بي‌وقوف جا خيال هيڏانهن هوڏانهن پيا ڀٽڪن.


شراب خور ۽ پيٽوڙي آخرڪار ڪنگال ٿي ويندا آهن، ۽ سندن مدهوشيءَ جي ڪري کين ڦاٽل ڪپڙا پهريل هوندا آهن.


جيڪڏهن اوهين رڳو انهن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تہ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.


هڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو.


اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي گنهگار جي گھر رهيو آهي.“


سڀني ماڻهن اهو ٻڌو. جڏهن تہ اڳ ۾ ئي انهن مان عام ماڻهن، بلڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن پڻ يحيٰ کان بپتسما وٺي خدا کي سچار ڪري مڃيو هو.


عيسيٰ ۽ سندس شاگرد بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا.


اسان مان هر هڪ کي پنهنجي هم‌ايمان جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن هن جي ايمان ۾ بہ واڌارو ٿئي.


چوڻ لڳا تہ ”آمين. اسان جي خدا جي واکاڻ، عظمت، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت هميشہ هميشہ تائين هجي. آمين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ