Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:11 - Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ ماءُ جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ آسمان جي بادشاهيءَ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يحيٰ کان بہ وڏو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي زال ذات مان ڄاوا آهن، تن منجهان ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو پيدا نہ ٿيو آهي: انهي هوندي بہ آسمان جي بادشاهت ۾ جيڪو ننڍو آهي سو اُنهي کان وڏو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ ماتا جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ آڪاش جي راڄ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يوحنا کان بہ وڏو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، تن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ آسمان واري بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:11
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”فاني انسان، جيڪي عورت مان پيدا ٿين ٿا، چند ڏينهن جي زندگي ماڻين ٿا، ۽ ڏک سان ڀريل رهن ٿا.


جهڙيءَ طرح ناپاڪ شيءِ منجھان پاڪ شيءِ نہ ٿي ڪڍي سگھجي، تهڙيءَ طرح ناپاڪ انسان مان ڪا پاڪ شيءِ ڪيئن ٿي نڪري سگھي؟


انسان آهي ڇا جو پاڪ ٿي سگھي؟ هائو، ڇا فاني انسان ڪو سچار ٿي سگھي ٿو؟


تہ پوءِ ڪو انسان ڪيئن ٿو پاڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري سگھي؟ ڇا ڪو خدا جي نظر ۾ سچار ۽ پاڪ آهي؟


ڏس، آءٌ پنهنجيءَ پيدائش کان وٺي بڇڙائيءَ ۾ ورتل هئس، بلڪ آءٌ تڏهن بہ گنهگار هئس جڏهن ماءُ جي پيٽ پيس.


انهيءَ ڏينهن جڏهن خداوند پنهنجيءَ قوم جي ڦٽن تي پٽي ٻڌندو ۽ سندن ڌڪن جا زخم ڇٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي پُر نور ٿيندي.


پوءِ آءٌ خداوند يروشلم جي رهاڪن جي بہ حفاظت ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان ضعيف ترين ماڻهو بہ دائود وانگر طاقتور ٿين ۽ دائود جو گھراڻو وڏيءَ عظمت وارو ٿئي، ايتري قدر جو اهي منهنجي قوم جي اهڙيءَ طرح اڳواڻي ڪن جو ڄڻ تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرشتي جي وسيلي سندن اڳواڻي ٿو ڪريان.


بلڪ يحيٰ ئي اهو آهي جنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘


يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي تبليغ کان وٺي هن وقت تائين آسمان جي بادشاهيءَ تي ڏاڍائي پئي ٿي آهي ۽ ڏاڍا ماڻهو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


ڪجھہ سالن کان پوءِ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ‌پٽ ۾ منادي ڪندو پئي وتيو تہ


آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان گناهن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو قدرت وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ وڏو سڏبو.


خداوند جي حضور ۾ هو عظيم هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀريل هوندو.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي بہ ماءُ جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يحيٰ کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ خدا جي بادشاهيءَ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يحيٰ کان بہ وڏو آهي.“


پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن خدا کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“


يحيٰ هن بابت شاهدي ڏيندي وڏي واڪي چيو هو تہ ”هي اهو آهي، جنهن بابت مون چيو هو تہ ’جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.‘“


هو مون کان پوءِ اچي رهيو آهي ۽ آءٌ تہ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.“


ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ”يحيٰ ڪوبہ معجزو تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“


اهو ضروري آهي تہ هو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“


يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر هو ۽ اوهان گھڙي پلڪ هن جي روشنيءَ ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.


هن اها ڳالهہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انهن ماڻهن کي ملڻو هو جن مٿس ايمان آندو هو. پر انهن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو هو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو.


آءٌ تہ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آهيان، بلڪ رسول سڏجڻ جي بہ لائق نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو هئم.


تنهنڪري جيڪڏهن اوهان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ دنيا جا معاملا آهن تہ انهن فيصلن لاءِ اوهين اهڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي ڪليسيا جي نظر ۾ حقير آهن؟


اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي جسماني خواهشن موجب زندگي گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي جسم ۽ نفس جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.


جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان


هاڻ اهو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿيو، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ زندگيءَ ۽ بقا کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا اڳي ئي هڪ بهتر منصوبو جوڙي ڇڏيو هو جنهن ۾ اسين بہ شامل آهيون. خدا چاهيو ٿي تہ اهي سڀ اسان سان گڏجڻ سان ئي وٽس ڪامل ڪيا وڃن.


نبين انهيءَ ئي ڇوٽڪاري جي باري ۾ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ اڳڪٿي ڪري انهيءَ فضل بابت ٻڌايائون، جيڪو خدا هاڻي اوهان تي ڪري رهيو آهي.


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ