Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:8 - Muslim Sindhi Bible

8 بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 بيمارن کي شفا ڏجو، مئلن کي جيئارجو، ڪوڙهين کي ڇُٽائي صاف ڪجو، ڀوت ڪڍجو، مفت مليو اٿوَ، مفت ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ مئلن کي جيوت ڪجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پوِتر ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍجو. اوھان کي مفت ۾ مليو آھي تنھنڪري اوھين بہ مفت ۾ ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي سمورا اڃايلؤ! اچو، اچي پاڻي پيئو. اوهين جن وٽ پئسو ڪونهي، سي بہ اچو، اچي اناج وٺو ۽ کائو. هائو، اچو ۽ اڻ‌مُلهو ۽ بنا پئسي مئي ۽ کير وٺو.


پر رڳو تون ۽ تنهنجا پٽ ئي ڪهانت واريون ذميواريون پوريون ڪجو، جيڪي قربان‌گاهہ لاءِ ۽ پردي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ ادا ڪرڻيون آهن. آءٌ ڪهانت جي خدمت جو شرف اوهان کي بخشيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مخصوص شين جي ويجھو ايندو تہ اُهو ماريو ويندو.“


عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي سڏائي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين اختياري ڏيئي رسول مقرر ڪيائين، تہ جيئن اهي ڀوتن کي ڪڍين ۽ ماڻهن کي هر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان شفا ڏين. انهن جا نالا هي آهن: شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، زبديءَ جا ٻہ پٽ يعقوب ۽ يوحنا،


اوهين جتي جتي وڃو تہ اتي اهو اعلان ڪجو تہ ’آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.‘


کيسي ۾ پاڻ سان ڪوبہ پئسو پائي نہ کڻجو، توڙي جو سون، چانديءَ يا ٽامي جو سڪو ڇو نہ هجي.


جيڪڏهن اهي نانگ جھليندا يا زهر پيئندا تہ بہ انهن کي ڪو نقصان نہ پهچندو. هو بيمارن کي هٿ لائيندا تہ اهي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“


انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي شفا ڏجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’خدا جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي پهتي آهي.‘


تڏهن پطرس هن کي چيو تہ ”مون وٽ پئسا تہ ڪونہ آهن، پر آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آهي. عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي سان اُٿ ۽ گھم ڦر.“


تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ