Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:42 - Muslim Sindhi Bible

42 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي شاگردن مان ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي کي بہ منهنجو شاگرد سمجھي هڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو ئي پيئاريندو تہ هن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

42 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي چيلن مان ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي کي بہ منهنجو چيلو سمجھي هڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو ئي پيئاريندو تہ هن کي انهيءَ جو لاڀ ضرور ملندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي منھنجو شاگرد سمجھي ھڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو پياريندو تہ ان کي ان جو اجر ضرور ملندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:42
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هوءَ پاڻي آڻڻ لاءِ هلي، تڏهن هن سڏي چيس تہ ”مهرباني ڪري مانيءَ جو ٽڪر بہ مون لاءِ کڻي اچجانءِ.“


سو ڇو نہ پنهنجي جاءِ مٿان هن لاءِ هڪڙي ڪوٺڙي ٺهرايون ۽ انهيءَ ۾ سندس لاءِ هڪڙي کٽ، ميز، ڪرسي ۽ ڏيئو رکون. پوءِ هو جڏهن بہ اسان وٽ اچي تہ اتي ئي رهي.“


جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو.


ڀلي تہ اوهين پنهنجي دولت پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو، تہ بہ ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن اها اوهان کي واپس ملي سگھي ٿي.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.


”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.


ساڳيءَ طرح اوهان جو آسمان وارو پيءُ نہ ٿو چاهي تہ هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪو هڪڙو بہ گمراهہ ٿي وڃي.“


بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو گناهہ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي.


پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مهربان آهي.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ