Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:32 - Muslim Sindhi Bible

32 ”جيڪو ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو مون کي قبول ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 تنهنڪري جيڪو ماڻهن جي اڳيان منهنجو اقرار ڪندو، تنهن جو آئون بہ پنهنجي پيءُ جي اڳيان، جو آسمان ۾ آهي، اقرار ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 ”جيڪو ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو مون کي قبول ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آڪاش واري پتا جي اڳيان قبول ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 ”جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ بادشاهن جي آڏو بہ تنهنجي حڪمن جو بيان ڪندي، هرگز شرمندگي محسوس نہ ڪندس.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي بادشاهيءَ ۾ رهو، جيڪا دنيا جي خلقڻ کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪئي ويئي آهي،


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ گنهگار توبهہ ٿو ڪري.“


سندس ماءُ پيءُ يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.


تنهنڪري اسان جي خداوند عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران خدا کان ملندڙ طاقت سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


سو جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آهي، تہ خدا انهيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هو خدا ۾.


”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي ايمان رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.


هائو، جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ