Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 انهن ماڻهن جي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان پوءِ يهوياڪين مان سيالتي‌ايل پيدا ٿيو ۽ سيالتي‌ايل مان زربابل پيدا ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ بابل ڏي گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪنياهہ مان شئلتي ايل پيدا ٿيو: ۽ شئلتي ايل مان زربابل پيدا ٿيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 انهن ماڻهن جي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان پوءِ يهوياڪين مان سيالتي‌ايل پيدا ٿيو ۽ سيالتي‌ايل مان زربابل پيدا ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 انھن ماڻھن جي بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪنياہ مان شئلتي⁠ايل پيدا ٿيو ۽ شئلتي⁠ايل مان زربابل پيدا ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو انهن سڀني يروشلم وارن کي قيدي بڻائي وٺي ويو، جن ۾ سڀ عملدار، سالار، ڪاريگر ۽ هنرمند، جملي ڏهہ هزار ڄڻا هئا. ملڪ جا رڳو غريب ترين ماڻهو ئي يهوداہ ۾ ڇڏيا ويا.


يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي جلاوطن ٿيڻ جي ستٽيهين سال، ٻارهين مهيني جي ستاويهين تاريخ تي بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ ولد نبوڪدنضر پنهنجي بادشاهيءَ جي شروع واري سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان آزاد ڪيو.


يهوياڪين، جيڪو بابل ڏانهن قيد ٿي ويو هو تنهن جا پٽ هي هئا: سيالتي‌ايل،


تڏهن يشوع ولد يوصدق ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪاهن، زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سندس قوم وارا اٿيا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي قربان‌گاهہ تعمير ڪرڻ لڳا تہ جيئن انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، جيئن خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


تڏهن زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ يشوع ولد يوصدق يروشلم ۾ خداوند جي گھر کي وري تعمير ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويا. انهن ٻنهي سان خدا جا نبي بہ گڏ هئا جن ساڻن مدد پئي ڪئي.


جيڪي ڪاهن ۽ لاوي زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سردار ڪاهن يشوع سان گڏ جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن مان ڪاهنن جا اڳواڻ هي هئا: سراياہ، يرمياہ، عزرا، امرياہ، ملوڪ، حطوش، سڪنياہ، رحوم، مريموت، عدو، جنتو، ابياہ، ميامين، معدياہ، بلجہ، سمعياہ، يويريب، يدعياہ، سلو، عموق، خلقياہ ۽ يدعياہ.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ جا بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم! آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ تون منهنجي شاهي اختياريءَ جي نشان طور منڊيءَ مثل آهين تہ بہ آءٌ تو کي پنهنجي آڱر مان لاهي ڦٽو ٿو ڪريان.


ماڻهو چون ٿا تہ ”ڇا اسان جو بادشاهہ يهوياڪين هڪ بيڪار ڀڳل ٿانوَ مثل آهي يا هڪ اهڙي ٿانوَ مثل آهي جنهن جي ڪنهن کي بہ گھرج ناهي؟ هن کي ۽ سندس اولاد کي ڪهڙي سبب هڪ اهڙي ملڪ ۾ اڇلايو ٿو وڃي جنهن بابت هي ڪجھہ بہ نہ ٿا ڄاڻن؟“


خداوند جو فرمان آهي تہ ”يهوياڪين جي اولاد جا نالا شاهي دفتر مان خارج ڪيا وڃن، ڄڻ تہ کيس اولاد ئي ڪونہ هو. هاڻ هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ بادشاهي نہ ماڻيندو، نڪي سندس اولاد مان ئي ڪو دائود جو جاءِ‌نشين بڻجي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪندو.“


فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ٻئي سال، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ جي معرفت يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سردار ڪاهن يشوع ولد يوصدق ڏانهن پيغام موڪليو.


تڏهن گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ ٻيا اهي سڀ ماڻهو جيڪي بابل جي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني اهو ئي ڪجھہ ڪيو جنهن جو خداوند سندن خدا کين حڪم ڏنو هو. هنن خداوند جو خوف رکندي حجيءَ جي معرفت مليل پيغام تي عمل ڪيو.


خداوند هر ڪنهن جي دل ۾ پنهنجي هيڪل جي ڪم لاءِ جذبو جاڳايو. سو يهوداہ جو گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ اهي ماڻهو جيڪي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني قادرِمطلق خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل تي ڪم شروع ڪيو.


”تون يهوداہ جي گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ


اي منهنجا ٻانها زربابل، سالتي‌ايل جا پٽ! اهو رڳو تون ئي آهين جنهن کي مون چونڊيو آهي. هائو، انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند تو کي پنهنجي شاهي منڊيءَ جي نشانيءَ طور اختياري ڏيئي حڪمران مقرر ڪندس. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“


جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل جا ماڻهو قيد ٿي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي ويا هئا، تن ڏينهن ۾ يوسياہ مان يهوياڪين ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.


زربابل مان ابيهود پيدا ٿيو، ابيهود مان الياقيم پيدا ٿيو ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو.


اهڙيءَ طرح ابراهيم کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏهن پيڙهيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون ۽ بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون.


يوداہ پٽ يوحناہ جو، يوحناہ پٽ رسيا جو، رسيا پٽ زربابل جو، زربابل پٽ سيالتي‌ايل جو ۽ سيالتي‌ايل پٽ نيريءَ جو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ