Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل جا ماڻهو قيد ٿي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي ويا هئا، تن ڏينهن ۾ يوسياہ مان يهوياڪين ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ جن ڏينهن ۾ هو گرفتار ٿي بابل ڏي ويا، تن ڏينهن ۾ يوشياہ مان يڪنياهہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل جا ماڻهو قيد ٿي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي ويا هئا، تن ڏينهن ۾ يوسياہ مان يهوياڪين ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 جن ڏينھن ۾ بني اسرائيل جا ماڻھو گرفتار ٿي بابل ڏانھن ويا ھئا، تن ڏينھن ۾ يوشياہ مان يڪنياہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يهوآخز بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ٽيويهہ سال هئي ۽ هن يروشلم ۾ رهي ٽي مهينا بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو جيڪا لبناہ جي رهاڪو يرمياہ جي ڌيءَ هئي.


هو انهن سڀني يروشلم وارن کي قيدي بڻائي وٺي ويو، جن ۾ سڀ عملدار، سالار، ڪاريگر ۽ هنرمند، جملي ڏهہ هزار ڄڻا هئا. ملڪ جا رڳو غريب ترين ماڻهو ئي يهوداہ ۾ ڇڏيا ويا.


تڏهن شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي بابل جي بادشاهہ ڏانهن پناهہ وٺڻ لاءِ نڪتا هئا، تن کان علاوہ باقي رهيل ڪاريگرن کي بہ سالار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو.


نئين سال جي بهار جي موسم ۾ بادشاهہ نبوڪدنضر لشڪر موڪلي هن کي بابل ۾ آڻايو ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گھر مان قيمتي شيون بہ آڻايائين ۽ يهوياڪين جي چاچي صدقياہ کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيائين.


جيڪي مارجڻ کان بچي ويا هئا تن کي بابل جو بادشاهہ جلاوطن ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. اهي هن جا ۽ سندس اولاد جا تيستائين غلام ٿي رهيا جيستائين فارس جي شهنشاهہ بابل تي قبضو ڪيو.


هي پيغام بابل بابت آهي، جيڪو يسعياہ ولد آموص کي خدا رويا ۾ ڏنو.


شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي اڳي ڀڄي بابلين سان وڃي مليا هئا، تن سڀني کي بابل جي شاهي محافظن جو سالار نبوزرادان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو.


پروردگار بادشاهہ يهويقيم کي نبوڪدنضر جي هٿان گرفتار ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي هيڪل جا چونڊ ٿانوَ بہ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. نبوڪدنضر اهي ساڻ کڻي بابل ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي بت‌خاني ۾ آيو، جتي هن اهي ٿانوَ بت‌خاني جي خزاني ۾ رکي ڇڏيا.


انهن ماڻهن جي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان پوءِ يهوياڪين مان سيالتي‌ايل پيدا ٿيو ۽ سيالتي‌ايل مان زربابل پيدا ٿيو.


اهڙيءَ طرح ابراهيم کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏهن پيڙهيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون ۽ بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ