Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:1 - Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ مسيح جيڪو دائود ۽ ابراهيم جو اولاد آهي، تنهن جو شجرو هي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 يسوع مسيح دائود جي فرزند، ابراهيم جي فرزند جو نسب نامو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 يسوع مسيح جيڪو دائود ۽ ابرهام جو اولاد آهي، تنهن جا ابا ڏاڏا هي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھي عيسيٰ مسيح جو شجرو آھي، جيڪو دائود ۽ ابراھيم جو اولاد آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:1
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي تو کي مبارڪ چوندا تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، پر جيڪي تو کي پٽيندا تن تي لعنت ڪندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي وسيلي برڪت ملندي.“


اهو آهي زمين ۽ آسمان جي پيدا ٿيڻ جو بيان.


دنيا جون سموريون قومون تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت حاصل ڪنديون، ڇو تہ تو منهنجو چيو مڃيو آهي.“


جڏهن خدا انسان کي پيدا ڪيو تہ کيس پاڻ وانگر ٺاهيائين. خدا هنن کي نر ۽ ناري پيدا ڪري برڪت ڏني ۽ کين ”انسان“ سڏيائين، جن جي اولاد جي هيءَ فهرست آهي:


انهيءَ سبب جو تو سچائيءَ سان دائود سان قسم کنيو هو، جنهن کان تون ڪڏهن نہ ڦرندين تہ ”تو کان پوءِ تنهنجي اولاد مان ئي هڪ کي تخت عطا ڪندس.


تو خداوند فرمايو آهي تہ ”مون پنهنجي چونڊيل بندي سان عهد ٻڌو آهي، هائو، مون پنهنجي ٻانهي دائود سان قسم کنيو آهي تہ


انهيءَ جي نسل مان سدائين ڪو نہ ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين سج قائم آهي، تيستائين آءٌ سندس تخت قائم رکندس.


جيئن وڻ جي وڍيل ٿُڙ مان نوان ڏار ڦٽي نڪرندا آهن، ۽ اهي وڌي ڦلدار ٿيندا آهن، تيئن يسيءَ جي پٽ دائود جي اولاد مان هڪڙو نئون بادشاهہ پيدا ٿيندو.


هن کي گرفتار ڪيو ويو، ۽ مٿس سزا جي فتويٰ مڙهي کيس مارڻ لاءِ نيو ويو. هن جي انجام جي ڪنهن بہ پرواهہ نہ ڪئي. کيس جيئرن جي جهان مان ڪڍيو ويو. هائو، هو اسان جي گناهن جي ڪري قتل ڪيو ويو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن دائود جي اولاد مان آءٌ هڪڙي سچار کي بادشاهہ ڪري چونڊيندس. اهو بادشاهہ ڏاهپ سان راڄ ڪندو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.


تهڙيءَ طرح يعقوب جي نسل ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي آءٌ ڪڏهن بہ رد نہ ڪندس. دائود جي نسل مان ڪو نہ ڪو ضرور هوندو جيڪو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي حڪمراني ڪري. بيشڪ آءٌ هنن تي ٻاجھہ ڪري سندن خوشحالي بحال ڪندس.“


خداوند ٿو فرمائي تہ ”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي، تنهن کي وري کڙو ڪندس، انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس. آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو.


پوءِ آءٌ خداوند يروشلم جي رهاڪن جي بہ حفاظت ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان ضعيف ترين ماڻهو بہ دائود وانگر طاقتور ٿين ۽ دائود جو گھراڻو وڏيءَ عظمت وارو ٿئي، ايتري قدر جو اهي منهنجي قوم جي اهڙيءَ طرح اڳواڻي ڪن جو ڄڻ تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرشتي جي وسيلي سندن اڳواڻي ٿو ڪريان.


عيسيٰ مسيح جي پيدائش هن ريت ٿي جو جڏهن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل هو، پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي هئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آهي.


ابراهيم مان اسحاق پيدا ٿيو، اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يهوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.


اتان جي هڪ ڪنعاني عورت عيسيٰ جي پٺيان وڏي آواز سان پڪاريندي ٿي آئي تہ ”اي سائين! اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو. منهنجي ڌيءَ ۾ ڀوت آهي، جيڪو کيس ڏاڍو ستائي ٿو.“


سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين.


جڏهن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“


هو يعقوب جي گھراڻي بني اسرائيل تي هميشہ بادشاهي ڪندو. هائو، سندس بادشاهي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي.“


ڇا پاڪ ڪلام نہ ٿو چوي تہ مسيح دائود جي نسل مان هوندو ۽ بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جتي دائود پيدا ٿيو هو؟“


هو نبي هو ۽ ڄاتائين ٿي تہ خدا هن سان قسم کڻي انهيءَ ڳالهہ جو واعدو ڪيو هو تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.‘


اها خوشخبري سندس فرزند، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بابت آهي، جيڪو جسماني لحاظ کان تہ دائود جي نسل مان پيدا ٿيو، پر پنهنجي پاڪيزگيءَ واري روح جي لحاظ کان هو مئلن مان وري جيئرو ٿي خدا جي وڏي قدرت وارو فرزند ثابت ٿيو.


ابراهيم ۽ سندس اولاد سان خدا اهو واعدو ڪيو هو تہ هو کين دنيا جو وارث بڻائيندو. پر اهو واعدو انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابراهيم شريعت تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن ايمان آندو ۽ ائين خدا ڏانهن سچار بڻايو ويو.


اهي ئي ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ جسماني طور مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي واکاڻ هميشہ ٿئي. آمين.


خدا جا واعدا بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابراهيم ۽ سندس نسل سان ڪيا. ڏسو، پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”نسل سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو خدا هڪڙو ئي آهي ۽ خدا ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو انسان آهي.


اها ڳالهہ سدائين ياد رک تہ عيسيٰ مسيح، جيڪو دائود جي نسل مان آهي، تنهن کي مئلن مان جيئرو ڪيو ويو آهي. اها ئي منهنجي خوشخبري آهي.


خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”مون عيسيٰ پنهنجو ملائڪ انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ هو ڪليسيائن کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آهيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ