ملاڪيءَ 3:7 - Muslim Sindhi Bible7 اوهين پنهنجي ابن ڏاڏن جي زماني کان وٺي منهنجي شريعت جي اصولن کي نہ مڃيندي انهن جي ڀڃڪڙي ڪندا آيا آهيو. اوهين مون آڏو توبهہتائب ٿيو تہ آءٌ بہ وري اوهان تي مهربان ٿيان. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين ڪهڙيءَ ڳالهہ لاءِ توبهہتائب ٿيون؟‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي زماني کان وٺي منهنجن حڪمن کان ڦري ويا آهيو، ۽ انهن جي تعميل نہ پئي ڪئي اٿوَ. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون وٽ موٽي اچو، ۽ آءٌ اوهان وٽ موٽندس. پر اوهين چئو ٿا تہ اسين ڪهڙي ڳالهہ ۾ موٽون؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن.
پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘