Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 3:6 - Muslim Sindhi Bible

6 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند پنهنجي واعدي تان نہ ڦرندو آهيان، انهيءَ ڪري اي يعقوب جو اولاد! اوهين پوريءَ طرح برباد نہ ٿيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو آءٌ خداوند ڦران نٿو؛ انهي ڪري، اي بني يعقوب، اوهين ناس نہ ٿي ويا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 3:6
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


پوءِ خداوند کيس چيو تہ ”آءٌ خداوند ئي آهيان جنهن تو کي ڪسدين جي اُور شهر مان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ هي ملڪ تو کي ميراث ڪري ڏيان.“


”آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تو کي برڪت مٿان برڪت ڏيندس، ڇو تہ تو هي ڪم ڪيو جو پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو.


اهي سڀ نابود ٿي ويندا، رڳو تون ئي باقي رهندين. سڀيئي شيون پوشاڪ وانگر پراڻيون ٿي وينديون، انهن کي تون ڪپڙن جيان هٽائيندين ۽ اهي نابود ٿي وينديون.


پر تون جيئن آهين تيئن ئي رهندين ۽ ڪين بدلبين، نڪي ڪڏهن تنهنجي ڏينهنِ جي پڄاڻي ٿيندي.


تنهنجي هنن ٻانهن جا ٻار سلامتيءَ سان پيا گذاريندا، هائو، تنهنجي قوم جو نسل تنهنجي حضور ۾ قائم رهندو.


پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن تي ازل کان وٺي ابد تائين سندس رحمت وسي ٿي. هن جي ڀلائي سندن اولادن جي اولادن تي پڻ هلندي اچي ٿي،


پر جيئن تہ خدا رحيم آهي، سو انهن جا گناهہ معاف ٿي ڪيائين. هن بار بار پنهنجي غصي کي روڪيو ٿي، ۽ پنهنجي غضب کي وڌڻ ڪين ٿي ڏنائين. اهڙيءَ طرح هن انهن کي برباد ٿيڻ نہ ڏنو.


بلڪ پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر هو ڦِري بي‌وفا ٿيا. هائو، اڻ‌سڌي تير جيان اهي دوکو ڏيندڙ هٽي ٻئي پاسي ٿيا.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندي چوان ٿو تہ ڊڄو نہ، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.“


خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ ۽ سندن بچائيندڙ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


آءٌ اوهان جي ٻڍاپي ۽ اڇن وارن تائين ساڳيو ئي رهندس، هائو، قوم جي پڇاڙيءَ تائين آءٌ اوهان کي سنڀاليندو رهندس. مون اوهان کي خلقيو آهي، سو آءٌ اوهان جي مدد ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندو رهندس.


”آءٌ خداوند سڄي انسانذات جو خدا آهيان. ڇا منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي؟


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي سلطنت جي هر حصي ۾ ماڻهو دانيال جي خدا جي حضور ڊڄن ۽ سندس تعظيم ڪن. هو ئي زندہ ۽ ابد تائين قائم وَ دائم رهندڙ خدا آهي. هن جي بادشاهت اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، هائو، سندس بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي هلندي رهندي.


هاڻي آءٌ پنهنجي سخت غضب کي عمل ۾ ڪين آڻيندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر هرگز برباد نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انسان ناهيان، بلڪ خدا آهيان. آءٌ پاڪ خدا اوهان سان گڏ آهيان، ۽ اوهان تي قهر نازل نہ ڪندس.


اي خداوند، منهنجا خدا! اي منهنجا پاڪ خدا! ڇا تون ازل کان ناهين؟ ڇا تون ابد تائين نہ رهندين؟ اي خداوند! تو انهن بابلين کي مقرر ڪيو آهي تہ اهي اسان تي فتويٰ جاري ڪن. اي اسان جا محافظ! تو کين مقرر ڪيو آهي تہ هو اسان کي سزا ڏين.


خدا انسان ناهي جو ڪوڙ ڳالهائي، هو آدمزاد ناهي جو پنهنجو ارادو بدلائي. هو جيڪي بہ چوندو آهي سو پورو ڪين ڪندو آهي ڇا؟ هائو، هو جيڪي بہ فرمائيندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي.


اڳي خدا جا دشمن هئڻ جي باوجود اسان جو سندس فرزند جي موت جي وسيلي ساڻس ميل ميلاپ ٿي ويو. هاڻي جڏهن تہ اسان جو خدا سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو سندس فرزند جي حياتيءَ جي وسيلي اسين بچي وينداسين.


مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ خدا جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو.


عيسيٰ مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ ابد تائين ساڳيو ئي آهي.


سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


خداوند خدا، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. هائو، آءٌ ئي ازلي ۽ ابدي آهيان.“


بني اسرائيل جو عظمت وارو خدا، نڪي ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ نہ وري پنهنجو فيصلو بدلائيندو آهي، ڇو تہ هو انسان ناهي جو پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ