ملاڪيءَ 3:5 - Muslim Sindhi Bible5 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رننزالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘
اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“