ملاڪيءَ 3:16 - Muslim Sindhi Bible16 تڏهن جيڪي خداوند کان ڊپ رکڻ وارا هئا تن پاڻ ۾ گفتگو ڪيو، جيڪو خداوند ٻڌي ورتو. پوءِ خداوند جي حضور ۾ انهن جي يادگيريءَ لاءِ ڪتاب لکيو ويو جنهن ۾ انهن خداوند جو خوف رکندڙن ۽ کيس تعظيم ڏيندڙن جا نالا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
مون دانيال کي انهيءَ هستيءَ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ وقت وڏو فرشتو ميڪائيل، جيڪو تنهنجي قوم جي حفاظت ٿو ڪري سو اُٿي کڙو ٿيندو. اهو وقت اهڙو تہ مصيبتن جو هوندو جيڪو قومن جي شروعات کان وٺي ان وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو هوندو. انهيءَ ئي وقت تنهنجي قوم کي ڇڏايو ويندو، هائو، انهن سڀني کي جن جا نالا خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.