ملاڪيءَ 3:11 - Muslim Sindhi Bible11 آءٌ اوهان جي خاطر ماڪڙ کي اوهان جي زمين جي پيدائش برباد ڪرڻ نہ ڏيندس، نڪي وري اوهان جي انگورن جو ڦر ڪچو زمين تي ڪرندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جي خاطر ڳڙڪائيندڙن کي ڇينڀيندس، ۽ هو اوهان جي زمين جي پيدائش ناس نہ ڪندا، ۽ نڪي اوهان جي ڊاک جو ڦر ڪچو زمين تي ڪِرندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ اتر کان حملي لاءِ ايندڙ وڏي لشڪر کي اوهان کان پري تڙي ڇڏيندس. آءٌ کين خشڪ بيابان ڏانهن ڀڄائي ڪڍندس. لشڪر جو اڳ وارو حصو کاري سمنڊ ۾، ۽ انهيءَ جو پٺ وارو حصو ڀونوچ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. انهن جي لاشن مان ڌپ ۽ بدبوءِ ڦهلجي ويندي. آءٌ انهن کي اهڙيءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي وڏو نقصان ڏنو آهي.