Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 3:1 - Muslim Sindhi Bible

1 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجو هڪ پيغمبر موڪلڻ وارو آهيان، جيڪو منهنجي لاءِ راهہ تيار ڪندو. اهو پيغمبر جنهن جي اوهان کي آرزو آهي، سو اچي اوهان کي مون سان ٻڌل عهد ياد ڏياريندو. پوءِ آءٌ خداوند جنهن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 3:1
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند منهنجي مالڪ بادشاهہ کي هيئن فرمايو هو تہ ”آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان ڪندس. تون منهنجي ساڄي پاسي ويٺو ڏس.“


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ هڪڙو فرشتو اوهان جي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ اوهان جي نگهباني ڪري. هو اوهان کي انهيءَ جاءِ ۾ پهچائيندو جيڪا مون تيار ڪئي آهي.


اوهين انهيءَ ڏانهن پورو ڌيان ڏيو ۽ سندس چيو مڃو. هن سان سرڪشي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ کيس منهنجي اختياري هوندي، سو هو اوهان جي خطا معاف نہ ڪندو.


ڏسو، خداوند خدا پنهنجي وڏي قدرت سان اچي ٿو. هو وڏيءَ طاقت سان حڪمراني ڪندو. ڏسو، هو پنهنجي قوم لاءِ پاڻ سان جزا ۽ اجر کنيو پيو اچي.


بلڪ هن پاڻ ملائڪ جي صورت ۾ اچي کين بچايو. هو سندن هر ڏک ۾ پڻ ساڻن شامل رهيو، ۽ پوءِ پنهنجي محبت ۽ شفقت سان کين ڇڏايائين. گذريل پوري وقت ۾ هن هميشہ سندن سنڀال پئي ڪئي آهي.


تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


تنهن کان پوءِ حجي نبيءَ ماڻهن کي خداوند جو ٻيو پيغام ٻڌايو تہ ”آءٌ اوهان سان گڏ آهيان، اهو مون خداوند جو واعدو آهي.“


پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون اهو حڪم اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏنو هو تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو تہ جيئن منهنجو عهد اوهان لاويءَ جي گھراڻي وارن سان قائم رهي.


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


پر منهنجي عظيم ۽ ڊيڄاريندڙ ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ اوهان وٽ الياس نبي موڪليندس.


جيڪڏهن اوهين اعتبار ڪريو تہ الياس نبي، جيڪو اچڻ وارو هو سو هي يحيٰ ئي اٿوَ.


هاڻ اي منهنجا ٻچا يحيٰ! تون خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين، ۽ خداوند جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،


عيسيٰ هر روز هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيندو هو. سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ بني اسرائيل جي ٻين چڱن مڙسن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائي ڇڏيون.“


ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ خداوند آهي.


اها عورت بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي خدا طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.


ٽئين ڏينهن تي هنن عيسيٰ کي هيڪل ۾ لڌو، جتي هو يهودي عالمن سان ويٺو هو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين.


تنهن تي پولس کين چيو تہ ”يحيٰ تہ ماڻهن کي توبهہ واري بپتسما ڏيندي هي چوندو هو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو تنهن تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“


هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ ملائڪ جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي زندگي ڏيندڙ ڪلام مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ