Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر اي ڪاهنؤ! اوهين هاڻ صحيح راهہ کان هٽي ويا آهيو. اوهان جي تعليم سان ماڻهو گمراهہ ٿي ويا آهن. اوهان انهيءَ عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو مون اوهان جي لاوي گھراڻي سان ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پر اوهين راهہ کان ڦري نڪري ويا آهيو، ۽ اوهين شريعت جي لاءِ گهڻن ئي جي واسطي ٿاٻڙجڻ جو سبب ٿيا آهيو؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان لاويءَ جو عهد اقرار بگاڙيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 2:8
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اورياہ ڪاهن آخز بادشاهہ جي موٽي اچڻ کان اڳ ۾ ئي اها قربان‌گاهہ ان طريقي موجب ٺاهي راس ڪئي.


اي منهنجا خدا! اها ڳالهہ ياد ڪر تہ انهن ڪيئن نہ ڪهانت جي توڙي انهيءَ عهد جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، جيڪو عهد تو ڪاهنن ۽ لاوين سان ٻڌو هو.


مون تنهنجي قاعدن قانونن کان ڪڏهن منهن نہ موڙيو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو سکيا ڏيندڙ تون خداوند آهين.


انهيءَ سبب جو آءٌ خداوند جي ئي راهن تي هلندو رهيو آهيان، ۽ برائي ڪري ڪڏهن پنهنجي خدا کان ڦري پري نہ ٿيو آهيان.


عقلمنديءَ جي ڪري ماڻهوءَ جي ساراهہ ڪئي ويندي آهي، مگر بي‌عقل ماڻهوءَ کي حقير ڄاتو ويندو آهي.


اوهين پيغام ٻڌائڻ جي رستي کان هٽي پري ٿيو، هائو، انهيءَ راهہ کان بلڪل هٽي وڃو. اوهان جو بني اسرائيل وارو پاڪ معبود جيڪي چوي ٿو، سو اسين ٻڌڻ نہ ٿا چاهيون.‘“


بيشڪ اسان تو خدا جو قصور ڪيو آهي، تنهنجا باغي بڻيا آهيون، ۽ تنهنجي حڪمن جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون. هن ڪري جو اسين ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون. اسين ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ رٿيون ٿا، ۽ اهي ئي زبان تي آهن.


بلڪ هن قوم جا سڀ رهنماءَ ئي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن. هائو، هو پنهنجي پيروي ڪندڙن کي مونجھاري ۾ ٿا وجھن.


تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”لعنتي آهن اهي ماڻهو، جن جي دل مون خداوند کان ڦري ٿي وڃي، هائو، جيڪي مون کي ڇڏي ڪنهن انسان تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ هڪ فاني بشر کي پنهنجي طاقت ٿا بڻائين.


تنهن هوندي بہ منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي. هو بيڪار بتن جي اڳيان قربانيون پيش ٿا ڪن. هو منهنجي اصلي واٽ کان گمراهہ ٿي ويا آهن ۽ بتن جي پوڄا ڪندي پنهنجي لاءِ سوڙهن ۽ ڪچن رستن کي چونڊيو اٿائون.


ڪاهنن بہ مون خداوند کي ياد نہ ڪيو، جن جو واسطو شريعت سان آهي تن بہ مون کي ڪين ڄاتو. اڳواڻن بہ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. نبي سڏائيندڙن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏنا، ۽ بيڪار بتن جي پوڄا ۾ لڳي ويا.“


ملڪ جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي ۽ منهنجي مخصوص شين کي ناپاڪ ڪيو اٿائون. هنن مخصوص ۽ عام شين ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي حلال ۽ حرام ۾ فرق رکڻ جي ڪا تعليم ڏني اٿائون، بلڪ هنن منهنجي سبت جي ڏينهنِ جو بہ ڪو لحاظ نہ رکيو آهي. ائين ڪرڻ ڪري منهنجي قوم منهنجي بي‌حرمتي ٿي ڪري.


خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”لاوين کي ئي منهنجي هيڪل ۾ خدمت ڪرڻي آهي. پر ڪي لاوي مون کي ڇڏي ٻين بني اسرائيل وارن سان گڏجي گمراهہ ٿي بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳا، تن لاوين کي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي سزا ضرور ڏيندس.


جيئن تہ گذريل وقت ۾ لاوي بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ڪندا رهيا، جنهن ڪري هو بني اسرائيل قوم کي بدڪاريءَ ڏانهن وٺي ويا، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا انهن کي سزا ضرور ڏيندس.


اوهان منهنجي لاءِ پيش ڪيل خوراڪ يعني قربانين واري چرٻي ۽ رت پيش ڪرڻ وقت پاڻ سان گڏ مون کي نہ مڃيندڙ اڻ‌طهريلن ماڻهن کي منهنجي مقدس هيڪل جي چوديواريءَ اندر وٺي آڻي منهنجي هيڪل کي پليت ڪيو آهي. اوهان پنهنجا اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪري مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.


تنهنڪري هو پنهنجي اولاد کي پنهنجيءَ قوم ۾ بي‌آبرو نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند آهيان، جيڪو هن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪريان ٿو.“


هن شهر جا نبي سڏائيندڙ غيرذميوار ۽ ڪوڙا آهن. اتان جي ڪاهنن مخصوص شين کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ شريعت جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو اٿن.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘


شروعات ۾ مون پنهنجي عهد ۾ اوهان جي وڏن جون زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ سلامتي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اهي مون کين انهيءَ لاءِ عطا ڪيون تہ جيئن اهي شڪرگذاريءَ سان منهنجي بندگي ڪندا رهن. سچ پچ تہ هنن ائين ئي ڪيو ۽ منهنجي تعظيم بہ ڪيائون.


تنهنڪري تون فينحاس کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ساڻس پنهنجو صلح جو عهد ٿو ڪريان.


اهو عهد هن سان ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد سان هميشہ جي ڪهانت جو عهد آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون پنهنجي خدا جي خاطر غيرت ڪئي ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيائين.“


چڱو تہ ائين ٿيندو جو اوهين نہ گوشت کائو، نڪي مئي پيئو ۽ نہ وري ڪو اهڙو ڪم ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ گمراهہ ٿئي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رهجو، متان اوهان مان ڪنهن جي دل بڇڙي ۽ بي‌اعتبار ٿي زندہ خدا کان ڦري وڃي.


عيليءَ جي انهن جوان پٽن جو هي گناهہ خداوند جي آڏو تمام وڏو هو، ڇاڪاڻ تہ اهي خداوند جي قربانيءَ جي بي‌حرمتي ڪندا هئا.


نہ اي منهنجا فرزندؤ! جيڪي اوهان جي گناهن جون خبرون آءٌ سڀني ماڻهن جي واتان ٻڌان پيو سي چڱيون ناهن.


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ