ملاڪيءَ 2:7 - Muslim Sindhi Bible7 بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهن تي خداوند ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن تون توبهہ ڪندين تہ آءٌ بہ تو کي وري بحال ڪندس، تہ جيئن تون ٻيهر منهنجو پيغام ٻڌائي سگھين. جيڪڏهن تون بيڪار ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڪارائتيون ڳالهيون ڪندين، تہ آءٌ تو کي وري پنهنجو نبي بڻائيندس. تون يهوداہ جي ماڻهن جي ڳالهين کان دور رهہ، اٽلندو هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين کي قبول ڪري وٺندا،
۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻيواڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.