ملاڪيءَ 2:6 - Muslim Sindhi Bible6 سچائيءَ جي تعليم سندن زبان تي هئي ۽ سندن واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. هو منهنجي واٽن تي صلح ۽ سچائيءَ سان هليا ۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ جي راهہ کان ڦيرائي آندائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 سچائيءَ جي شريعت هن جي وات ۾ هئي، ۽ هن جي چپن تي ڪوڙ نہ هو: مون سان هو صلح ۽ سچائيءَ سان ٿي هليو، ۽ هن گهڻن ئي کي بڇڙائيءَ جي راهہ کان ڦيرايو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻيواڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.
اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيکويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“